پيار جي پرڻي سبب هلندڙ تڪرار ۾ ٻيهر تيزي اچي ويئي
اياز عباسي، ڪنڊيارو
ڪنڊيارو ويجهو ڳوٺ خانڻ سولنگي ۾ پيار پرڻي سبب 15 سالن کان هلندڙ تڪرار ۾ ٻيهر تيزي اچڻ سبب فائرنگ جو سلسلو تيز ٿي ويو آهي جنهن جي نتيجي ۾ ڀر واري ڳوٺ ۾ ٻج ڏسڻ لاءِ ويندڙ ڳوٺ جمعي ڪلهوڙو جو رهائشي ميهر ڪلهوڙو گولي لڳڻ سبب شديد زخمي ٿي پيو آهي جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪنڊيارو جي تعلقه اسپتال ۾ آندو ويو آهي،جتي هن ٻڌايو ته هو ڀر واري ڳوٺ ۾ سهتا برادري جي ماڻهن وٽ ٻج ڏسڻ لاءِ وڃي رهيو ته جبو ماڇي واري ڌر جي ماڻهن مٿس فائرنگ ڪري کيس مرڻينگ ڪري وڌو آهي،هوڏانهن واقعي جو اطلاع ملندي ئي ڪلهوڙا برادري جا ماڻهو پڻ هٿياربند ٿي رستن تي نڪري آيا آهن. ياد رگي ته 15 سال اڳ مذڪوره ڳوٺ ۾ نواب سولنگي ۽ خدڻ سولنگي پاران پسندن جو پرڻو ڪرڻ بعد مذڪوره جوڙو موت جري ڊپ کان سعودي عرب فرار ٿي ويو هو ۽ 12 سال اتي گذارڻ بعد وطن وريا ته ٻيهر ڌرين م تاءُ پکڙجي ويو جنهن بعد اهي گذريل ٽن سالن کان ڪراچيءَ ۾ ڪنهن گمنام مقام تي لڪيل آهن.