مختصر خبرون

پيار جو پرڻو ڪندڙ فاطمه سمون کي باگڙي برادري جا ماڻهو نشو ڏئي اغوا ڪري ويا

خيرپور (رپورٽ شڪيل احمد جانوري) امروٽ شريف ۾ مسلمان ٿي پيار جو پرڻو ڪندڙ فاطمه سمون کي باگڙي برادري جا ماڻهو نشو ڏئي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويا احتجاجي مظاهرو تفصيل موجب رات دير سان بي سيڪشن ٿاڻي جي حد نم موڙ ڀرسان باگڙي برادري جي هٿياربندن سونو باگڙي، منگهن باگڙي، ڪرشنا باگڙي، هٿيارن جي زور تي جاويد سمون پٽ محمد سانول سمون جي گهر ۾ گهڙي کين نشي آور شيءِ سنگهائي بيهوش ڪري اغوا ڪري ويا. اغوا ٿيل ناري امروٽ شريف ۾ مسلمان ٿي پنهنجو نالو فاطمه رکرايو جنهن مسلمان ٿيڻ کان پوءِ خيرپور جي نوجوان جاويد سمون سان پيار جو پرڻو ڪيوهو. جنهن کي باگڙي برادري جا ماڻهو اغوا ڪري کڻي ويا اهڙي عمل خلاف سمون برادري جي سوين ماڻهن اسٽيشن روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي ويهي رهيا ۽ فاطمه سمون جي بازيابي جو مطالبو ڪيو آهي جڏهن ته آخري اطلاعن تائين بي سيڪشن پوليس واقعي جو ڪيس داخل نه ڪيو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button