پوليو جي خاتمي لاءِ ضلعي انتظاميه وڌ ۾ وڌ ڪوششون ڪري پئي، ڊي سي خيرپور
خيرپور: ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ چيو آهي ته پوليو جي خاتمي لاءِ ضلعي انتظاميه پاران صحت کاتي ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي سهڪار سان وڌ ۾ وڌ ڪوششون ورتيون پيون وڃن جڏهن ته هن موسم ۾ خيرپور جي کجين ۽ کارڪن جي ڪري سنڌ توڙي بلوچستان جي ٻين علائقن مان ماڻهو مزدوري لاءِ اچن ٿا انهن تي پوليومهم دوران وڌ ۾ وڌ ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن اهڙو اظهار پنهنجي آفيس ۾ پوليو جي خاتمي متعلق ضلعي ڪاميٽي ڊسٽرڪٽ پوليو ايراڊيڪيشن ڪاميٽي (ڊيپيڪ) جي گڏجاڻي دوران ڪيو. هن چيو ته پوليو جي خاتمي واري مهم کي وڌيڪ موثر ڪرڻ جي لاءِ ضلعي انتظاميه صحت کاتي، پي پي ايڇ آءِ، يونيسف ۽ صحت جي عالمي اداري ڊبليو ايڇ او سان گڏجي وڌ ۾ وڌ ڪوششون وٺي رهي آهي ۽ پوليو ٽيمن کي هر ممڪن سهولتون مهيا ڪيون پيون وڃن. ان موقعي تي ڊي سي خيرپور ڊبليو ايڇ او جي نمائندي ڊاڪٽر جنيد ميمڻ کان ضلعي پوليوخلاف هلندڙ مهم جي حوالي تفصيلي بريفنگ ورتي. جڏهن ته انچارج اِي ڊي او هليٿ ڊاڪٽر مير محمد سومرو، پي پي ايڇ آءِ جي ڊي ايس ايم امانت علي شر، گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي ۽ ٻين مختلف تعلقن جي لاڳاپيل ٽي ايڇ اوز کان پوليو خلاف هلندڙ مهم جي حوالي سان درپيش مسئلن جي معلومات ورتي. گڏجاڻي ۾ ڊي سي خيرپور هر تعلقي جي روينيو اسسٽنٽ ڪمشنر ، تعلقي ايڊمنسٽريٽرن ۽ تعلقي هيلٿ آفيسرن کي ان سلسلي ۾ پنهنجو گهربل ڪردار اداڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته تعلقي ۽ يونين ڪائونسل جي سطح تي پوليو جي خاتمي وارين گڏجاڻين ( ٽي پيڪ) ۽ (يو پيڪ) ۾ غير حاضر رهندڙ سرڪاري ملازمن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي. جڏهن ته ڊي سي خيرپور ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر خيرپور ٽو ڪئپٽن ڊاڪٽر انوارالحق کي پوليو مهم دوران تعلقي اسسٽنٽ ڪمشنرن، تعلقي ايڊمسنٽريٽرن، يو سي سيڪريٽرين، روينيو مختيارڪارن ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن کي پوليو ٽيم سان هر ممڪن سهڪار ڪرائڻ کي يقيني بڻائن کين لکت ۾ هدايتون جاري ڪرڻ جا حُڪم جاري ڪيا.