پورھيت جي نياڻي علاج جي اسيئڙي ۾
ملير (رپورٽ سامي ميمڻ) گلشن حديد جي پورهيت سڪندر سومرو جي 15 ورهين جي نياڻي ڪرن سومرو گذريل چئن سالن کان دل جي سوراخ واري مرض ۾ مبتلا ٿي زندگي ۽ موت جي ٻواٽي تي زندگي جا آخري پساهه ڳڻي رهي آهي، آس ۽ نراس ۾ ورتل پورهيت سڪندر سومري جا گهر ڀاتي وفاقي سرڪار طرفان مفت علاج لاءِ 2011ع جي ڊسمبر مهيني جي ستين تاريخ اسلام آباد گهرايو ويو ۽ 31 ڊسمبر تائين مختلف اسپتالن ۾ رلائي لاعلاج قرار ڏئي واپس ڪري ڇڏيو. ڪرن سومرو زندگي جي اميدن مان مايوسي تي ڪڏهن هوش ۾ ته ڪڏهن ڪوما ۾ هلي وڃي ٿي. ملير جي صحافين جي اڻ ٿڪ ۽ لاڳيتي محنت ۽ اخبارن ۾ خبرون هلائڻ کانپوءِ جتي سنڌ جي ڪجهه آفيسرن علاج لاءِ 20 لک ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي اتي تازو مسلم ليگ جي اڳواڻ حليم عادل شيخ ۽ ليڊيز ونگ مسلم ليگ جي اڳواڻ فريده لغاري ۽ سلميٰ مري ٻه لک رپيا مدد ڪئي آهي جڏهن ته باقي چاليهه لکن مان 18 لک کٽن ٿا جيڪي پڻ گڏ ڪرڻ لاءِ سنڌ واسين کي اپيل آهي. ان ڏس ۾ ڪرن سومرو جي پيءُ سڪندر سومرو صحافين کي ٻڌايو ته هندستان جي هڪ سينيٽر هري رام ڪستوري فون ڪري هندستان ۾ سندس رهائش ۽ کاڌ خوراڪ جو بندوبست ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي جيئن گهربل چاليهن لکن جو بندوبست ٿي ويو ته هو هندستان روانا ٿي ويندا. گهر ۾ نياڻي کي دعائون ڪندڙ سندس امڙ شمشاد سومرو سنڌ جي سرندي وارن خاص سجاڳ ۽ سکين سنڌي عورتن کي اپيل ڪئي آهي ته هو سندس نياڻي کي بچائڻ لاءِ ڪوششون ڪن. هن پرڏيهه ۾ رهندڙ سنڌين ۽ سندن تنظيمن کي پڻ اپيل ڪئي آهي ته گڏجي سنڌ ۾ زندگي لاءِ مرض سان جهيريندڙ ڪرن سومرو جو علاج ڪرائڻ ۾ مالي سهائتا ڪن.