پير جو ڳوٺ

پورهيت جي معصوم نينگري دل جي سوراخن واري بيماري ۾ متبلا، سرندي وارن کي سھڪار جي اپيل

Hole in heartپير جو ڳوٺ (رپورٽ: اصغر ملاح) پيرڳوٺ لڳ پورهيت جي معصوم نينگري دل جي سوراخن واري بيماري ۾ متبلا، علاج ڪرائڻ کان قاصر، سرڪار ۽ سرندي وارن کان واهر جي اپيل، رپورٽ موجب، پيرڳوٺ لڳ ڳوٺ ساکرو سولنگي (رحيم ڏنو سولنگي) جي رهواسي پورهيت علي حسن سولنگي کي معصوم هڪ ساله نينگري عليزه سولنگي دل جي سوراخن واري بيماري ۾ مبتلا آهي جنهن جو سندس پورهيت پيءُ وس آهر علاج ڪرايو آهي پر هوءَ صحتياب نه ٿي سگهي آهي ۽ کيس هر وقت سخت تڪليف ٿي رهي آهي جنهنڪري سندس وارث ڊاڪٽر پاران ڏسيل علاج نه ڪرائڻ ڪري سخت پريشان حال ٿي ويا آهن ان ڏس ۾ نينگري جي پيءُ پورهيت علي حسن سولنگي صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته نياڻي کي دل جي سوراخن واري بيماري آهي جنهن جو خيرپور، سکر، لاڙڪاڻو ۽ حيدرآباد مان وس آهر علاج ڪرايو آهي پر هوءَ صحتياب نه ٿي سگهي آهي ۽ سندس تڪيلف ڏينهون ڏينهون وڌندي رهي ٿي هن چيو ته آئون تمام مسڪين آهيان سر تگاري جو پورهيو ڪري گهر هلايان ٿو ۽ نياڻي جي علاج تي گهر به وڪڻي جهوپڙي ۾ رهان ٿو هن چيو ته ڊاڪٽرن نياڻي جو علاج ڀارت مان ڪرائڻ جي صلاح ڏني آهي پر ايتري رقم نه آهي جنهنڪري سخت پريشاني واري صورتحال ڇانيل آهي هن صدر پاڪستان، انساني حقن جي تنظيمن توڙي وس وارن کان گهر ڪئي ته نياڻي جي علاج ۾ مدد ڪري سندس زندگي بچائي وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button