مختصر خبرون

پنجاب مان مھمان ٿي آيل ٻار مڇيءَ جي تلاءَ ۾ ٻڏي فوت

ڪنڊيارو:محبت ديرو شهر ۾ پنجاب جي ضلعي مظفر ڳڙهه مان مهمان ٿي آيل 15 ورهيه نينگر شڪيل پٽ وسيم راجپوت مڇيءَ جي تلاءَ ۾ وهنجڻ دوران ٻڏي فوت ٿي ويو آهي،جنهن جو لاش تلاءَ مان ڪڍڻ بعد سندس اباڻي شهر اماڻيو پيو وڃي. واضع رهي ته مذڪوره نينگر پنهنجن مائٽن سان گڏ محبت ديرو جي اڳوڻي يوسي ناظم رمضان راجپوت وٽ موڪلن دوران گهمڻ لاءِ آيو هو ته گرميءَ سبب گهر وارن کي ٻڌائڻ کان سواءِ پاڻ جيترن ننڍڙن نينگرن سان وهنجڻ لاءِ ويو ته ٻڏي فوت ٿي ويو،معلوم ٿيو آهي ته مذڪوره مڇيءَ جو تلاءَ جي اونهائي 15 فوٽن جي لڳ ڀڳ آهي،آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪو به ڪيس وغيره داخل نه ڪرايو ويو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button