پرائمري اسڪول استاد جي ملڪيت تي ڀائرن قبضوڪري ڇڏيو ،مدد جي اپيل
لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ)لاڙڪاڻو جي رٽائرڊ پرائمري اسڪول استاد در محمد ميمڻ جي ملڪيت تي ڀائرن قبضوڪري ڇڏيو وس وارن ۽ ميڊيا کي مدد جي اپيل تفيصل موجب لاڙڪاڻو جي رٽائرڊ پرائمري اسڪول ماستر گذريل ڏينھن لاڙڪاڻو ميڊيا فورم آڏو احتجاجي مظاھرو ڪندي وس وارن ۽ ميڊيا کي اپيل ڪندي چيوتھ منھنجا ڀائر بشير احمد ۽ آفتاب احمد الڳ الڳ رھائش پذير ھئا والد صاحب جي لاڏاڻي کان بعد انھن مون تي دٻاءُ وڌو تھ کين مرحوم والد جي جڳھھ مان حصي جي رقم ڏيان يا جڳھھ خالي ڪيان ھن وڌيڪ چيوتھ منھنجي مالي حيثيت ايتري ڪونھ ھئي جو کين رقم ڏئي سگھان ان ڪري مجبورن جون 2003 ۾ جڳھھ خالي ڪري پنھنجي ڀاءُ بشير احمد کي گھر جي چاٻي ڏني ، چاٻي ڏيڻ وقت پنھنجي ڀاءُ بشير احمد کي عرض ڪيم تھ ڇھن مھينن جي اندر جڳھھ وڪرو ڪري مون کي حصي جا جائز پئسا ڏنا وڃن تھ جيئن مان پنھنجو اجھو وٺي سگھان نھ تھ ٻي صورت ۾ مسواڙ اوھان کي ڏيڻي پوندي ان داھيندي چيوتھ ھينئر 9 سال گذري ويا آھن نھ ھو مون کي حصي جي رقم ڏين ٿا ۽ نھ وري مسواڙ جا پيسا ھن سول سوسائٽي، انتظاميا ، ميڊيا ، وس وارن کي پرزور اپيل ڪندي چيوتھ مون کي منھنجو حق ڏيارڻ ۾منھنجي مدد ڪئي وڃي.