مختصر خبرون

پاڻي کوٽ خلاف ڦول باغ خيرپور ۾ بک هڙتال جاري

خيرپور (رپورٽ شڪيل احمد جانوري) خيرپور ضلعي جي ويهه شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ 450 ٽيوب ويل بند هجڻ خلاف آبادگارن جي بک هڙتال جاري. جڏهن ته هاري اڳواڻ ڪامريڊ غلام رسول سهتي جي بک هڙتال جو سپريم ڪورٽ نوٽيس ورتو ڊپٽي ڪمشنر کي رپورٽ ڏيڻ جي هدايت. تفصيل موجب سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ غلام رسول سهتو جي اڳواڻي ۾ خيرپور ضلعي جي ويهه شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ اسڪارپ جا خراب ٿيل 450 ٽيوب ويل ۽ 75 هزار ايڪڙ زمين ۾ سم ۽ ڪلر جي ڪري خراب هجڻ جي ڪري ڦول باغ خيرپور ۾ بک هڙتال جاري آهي. ان سلسلي ۾ سپريم ڪورٽ ڪامريڊ غلام رسول سهتو جي بک هڙتال جو نوٽيس وٺندي ڊپٽي ڪمشنر خيرپور کي ليٽر موڪلي هدايتون جاري ڪيون آهن ته هو کين تفصيلي رپورٽ ڏئي جنهن کان پوءِ اسڪارپ ۽ ايريگيشن کاتي جي عملدارن ۾ ٿرٿلو مچي ويو آهي جڏهن ته ڪامريڊ غلام رسول سهتو جي بک هڙتال جي حمايت ۾ خيرپور ضلعي جي مختلف شهرن سڳيون، سميون، هنڱورجه، رسول آباد، سوڀوديرو، اڳڙا، راضي ديرو، گمبٽ، فيض گنج، ٺري ميرواهه، بوزدار ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا ۽ غلام رسول سهتو جي حمايت ۾ نعريبازي ڪئي وئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button