پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن ۽ هارين هٿن سُڪل ٻيجارو کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو
شهدادڪوٽ ۾پاڻي جي هٿرادو کوٽ ۽ سيف الله برانچ مان غير قانوني(4) واٽر ڪورس ڪڍي ڌاڙو هڻي سنڌ جو پاڻي بلوچستان وهائڻ خلاف سوين آبادگارن ۽ هارين هٿن سُڪل ٻيجارو کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. هاري سجاڳ نيٽ ورڪ ۽ جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي سوين آبادگارن ۽ هارين وهاب پندراڻي ، ڪامريڊ اسحاق مغيري ، واجد خان چانڊيو ، محمد هارون سومرو ، ستار مڱڻهار ، عرس سيلرو ، مراد پندراڻي ، غفار پندراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽانوري شاخ جي پل کان هٿن ۾ بينر ، پلي ڪارڊ ۽ سڪل ٻيجارو کڻي احتجاجي جلوس ڪڍي مارچ ڪندي شھر جي الله واري ٽاور چوڪ تي پهچي نٽهڻ اُس ۾ ڌرڻو هنيو ، ڌرڻي سبب سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف شهرن ڏانهن ايندڙ ، ويندڙ گاڏيو قطارن ۾ بيهجي ويون ، ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته شهدادڪوٽ ۽ قبي سعيد خان تعلقن جي (25) کان وڌيڪ شاخن ۾ پاڻي جي سخت قلت آهي ، جڏهن ته سيف الله برانچ مان (4) غيرقانوني واٽر ڪورس منظور ڪري سنڌ جي پاڻي کي بلوچستان طرف وهائي سنڌ جي آبادگارن کي تباه و برباد ڪرڻ جي سازش سِٽي وئي آهي ، هنن چيو ته پاڻي جي کوٽ سبب سوين آبادگار اڃان تائين ٻيجارو پاڻي جي کوٽ سبب سوين آبادگار اڃان تائين ٻيجارو به نه پوکي سگهيا آهن ۽ جن آبادگارن ٻيجارو پوکيو تن جوٻيجارو پاڻي جي کوٽ سبب سڙي رهيو آهي ، جڏهن ته پاڻي جي لپ نه هئڻ سبب فصل ٿيڻ ته ٺهيو پر ماڻهون ۽ جانور اڃ وگھي مري رهيا آهن ، هنن چيو ته آبپاشي عملدار پنهنجي من مستين ۾ گم آهن پر هن اهم مسئلي تي ڪو به ڌيان نه ٿا ڏين ، هنن شهيد راڻي جي تڪ واسين کي پاڻي فراهم ڪري وڌيڪ تباه ۽ تنگدستي کا بچائڻ جو مطالبو ڪندي سُست ۽ لاپرواه آبپاشي عملدارن خلاف قدم کڻي آبادگارن کي انصاف فراهم ڪرڻ جي پڻ گھر ڪئي آهي ، آبادگارن ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪرڻ جو چتاء ڏنو آهي .