مختصر خبرون

پاڻي جي کوٽ 52 هين ڏينهن به بک ھڙتال جاري

خيرپور(ڊر) خيرپور ضلعي ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ اسڪارپ جا ٽيوب ويل بند هجڻ خلاف آبادگارن جي 52 هين ڏينهن به مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال جاري رهي. آبادگارن جا مختلف شهرن کان آيل وفد بک هڙتالين جي حمايت ۾ سندن ڪيمپ تي ويٺا. تفصيل موجب خيرپور ضلعي جي ويهن کان وڌيڪ پڇڙي جي شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ 450 کان وڌيڪ اسڪارپ جا ٽيوب ويل بند هجڻ خلاف آبادگارن جي ڪامريڊ غلام رسول سهتو جي اڳواڻي ۾ 52 هين ڏينهن به مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال جاري رهي. جڏهن ته خيرپور ضلعي جي سوڀوديرو، سڳيون، هنگورجا، فيض گنج، ٺري ميرواهه ۽ ٻين شهرن کان آبادگارن جا وفد بک هڙتالي ڪيمپ تي پهچي سندن حمايت ۾ بک هڙتال تي ويٺا. ان موقعي تي بک هڙتالي آبادگارن چيوته اسانجي بک هڙتال کي 52 ڏينهن گذرڻ باوجود حڪمرانن جي ڪنن تي جونء به نه ٿي چري. هنن چيوته خيرپور وڏي وزير جو شهر هجڻ باوجود آبادگارن جي مسئلن ڏانهن ڪوبه ڌيان نه پيو ڏنو وڃي. جنهن ڪري ضلعي جا آبادگار بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن. هنن چيوته حڪمران آبادگارن جا مسئلا حل ڪرڻ بجاءِ فنڊن جي ونڊ ورهاست ۾ پورا آهن. هنن چيوته جيستائين خيرپور ضلعي ۾ پاڻي جي کوٽ ختم ڪري اسڪارپ جا بند پيل ٽيوب ويل چالو نه ڪيا ويندا ته اسانجي بک هڙتال جاري رهندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button