مختصر خبرون

پاڻي جي واري تي ويل هاري هٿياربندن هٿان اغوا

پير جو ڳو (رپورٽ: اصغر ملاح) پير ڳوٺ لڳ پاڻي جي واري تي ويل هاري هٿياربندن هٿان اغوا، پيرا احمد پور واري علائقي ۾ گم، علائقي ۾ ڏهڪاءُ، ضلعي مان اغوا ٿيلن جو انگ 6 ٿي ويو، رپورٽ موجب، پيرڳوٺ لڳ ڳوٺ وريو ڦلپوٽو جو هاري نواب علي پٽ هادي بخش ڦلپوٽو جيڪو گذريل رات دير سان ڳوٺ ڀرسان پنهنجي زمين تي فصل کي پاڻي ڏيڻ لاءِ ويل هو ته کيس نامعلوم هٿياربند اغوا ڪري ويا، هاري جي اغوا جي تصديق تڏهن ٿي جڏهن صبح جو گهر نه موٽڻ تي سندس وارثن ڳولا ڪئي ته هن جي جتي ۽ ڪوڏر سندس زمين وٽان هٿ آئي، هوڏانهن واقعي جي اطلاع بعد احمدپور پوليس ۽ سوين ڳوٺاڻن پهچي هٿياربندن جا پيرا کنيا جيڪي احمدپور واري علائقي لالڻ واهه وٽ گم ڪيا ويا آهن، هوڏانهن واقعي سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، هوڏانهن نواب علي ڦلپوٽو جي اغوا کانپوءِ ضلعي مان اغوا ٿيلن جو انگ وري 6 ٿي ويو آهي، ياد رهي ته خيرپور ضلعي جي مخلتف هنڌن ڪنگري مان الطاف ڪانڌڙو ۽ ڪريم بخش ڪانڌڙو، جيها مسجد جو بشير جيهو، گمبٽ واسي نمعت الله ڀنڊ سميت 6 ڄڻا هٿياربندن هٿان اغوا ٿيل آهن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button