آرٽيڪل

پاڪ ـ ھند مذاڪرات

ليکڪ: علي احمد بلوچ
india pak rival4پاڪ ـ ھند پرڏيھي سيڪريٽري مذاڪرات ۾ ٻنھي ملڪن گڏيل تڪرار پُرامن ڳالھين ذريعي حل ڪرڻ جي عزم کي ورجايو آھي، پاڪ ـ ھند پرڏيھي سيڪريٽري مذاڪرات جي ٽئين دور جي پڄاڻي تي پاڪستان جي پرڏيھي سيڪريٽري جليل عباس ڀارتي ھم منصب رنجن ميٿيائي سان گڏجي گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ چيو آھي تھ دھشتگردي ٻنھي ملڪن جو گڏيل مسئلو آھي ۽ خطي ۾ استحڪام ٻنھي ملڪن جي گڏيل ذميواري آھي. پاڪستان واضح ڪيو آھي تھ ممبئي حملن ۾اسان جي ڪا ايجنسي ملوث نھ آھي پر اھا ڪاروائي غير رياستي عنصرن جو ڪارنامو ھو، ان معاملي تي پاڪستاني عدالتن ۾ ڪاروائي جاري آھي، الزام لڳائڻ جو سلسلو بند ٿيڻ گھرجي، پاڪستان ممبئي حملن جي گڏيل جاچ جي آڇ کي ورجائيندي اھو بھ چيو آھي تھ والاريل ڪشمير ۾ امن امان جي صورتحال بھتر بڻائي وڃي، جڏھن تھ ڀارت سربجيت سنگھھ جي آزادي جو معاملو اٿاريندي ابوجندال جي معاملي تي بھ ڳالھايو. مذاڪرات ۾ ٻنھي ملڪن جي وچ ۾ ڪرڪيٽ رابطن جي بحالي جو معاملو بھ اٿاريو ويو، جنھن ۾ ڀارت جو موقف ھيو تھ ان معاملي تي ڀارتي ڪرڪيٽ ڪنٽرول بورڊ ئي فيصلو ڪرڻ جو مجاز آھي، ڀارتي پرڏيھي سيڪريٽري چيو تھ ممبئي حملن ۾ ابوجندال جي ملوث ھجڻ بابت پاڪستان کي وڌيڪ شاھد ڏنا آھن، جنھن تي پاڪستان مثبت رد عمل ظاھر ڪيو آھي. ھن چيو تھ ڀارت پاڪستان سان پنھنجن لاڳاپن کي وڏي اھميت ڏئي ٿو، پاڪستان سان واپاري لاڳاپن ۾ واڌ جو خواھشمند آھي، ٻنھي ملڪن جي شھرين کي ويزي جي فراھمي ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ چاھي ٿو ۽ پاڪستان سان زندگي جي سمورن شعبن ۾ مضبوط ۽ خوشگوار لاڳاپن جي خواھش رکي ٿو، جڏھن تھ ڀارتي وزيراعظم ڊاڪٽر منموھن سنگھھ جو چوڻ آھي تھ ھو پاڪستان جو دورو ڪرڻ چاھي ٿو ۽ ان دوري جي مثبت نتيجن جي خواھش رکي ٿو. ھڪ ڀارتي اخبار کي ڏنل انٽرويو ۾ ڀارتي وزيراعظم چيو تھ پاڪستان اسان جو پاڙيسري ملڪ آھي، اسان پاڙيسري کي تبديل نٿا ڪري سگھون مستحڪم، پرامن ۽ خوشحال پاڪستان ڀارت جي پنھنجي مفاد ۾ آھي، ٻنھي ملڪن کي دھشتگردي جي گڏيل چئلينج جو منھن آھي ۽ گڏيل ڪوششن سان ئي ان چئلينج جو مقابلو ڪري سگھجي ٿو، ٻنھي ملڪن جي پرڏيھي سيڪريٽري مذاڪرات جو آئيندھھ دور ڊسمبر ۾ اسلام آباد ۾ ٿيندو، جنھن ۾ ٻنھي ملڪن جي پرڏيھي وزيرن جي مذاڪرات جو ايجنڊو تيار ڪيو ويندو. پاڪ ڀارت لاڳاپا ڏکڻ ايشيا ۾ امن استحڪام ۽ خوشحالي جي حوالي سان تمام ضروري آھن، ٻنھي ملڪن جي وچ ۾ بنيادي مسئلي ڪشمير سميت سمورن تڪرارن جو پرامن ڳالھين جي ذريعي حل علاقائي ۽ عالمي امن جي ضمانت بڻجي سگھي ٿو. ڀارت کي وڏو ڀاءُ ھجڻ جي ناطي خطي ۾ امن جي قيام لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، انتھاپسند عنصر صرف پاڪستان ۾ نھ پر ڀارت ۾ بھ موجود آھن ۽ طاقتور ادارن جي ڪجھھ طاقتور عنصرن جي پٺڀرائي بھ انھن کي حاصل آھي. ڀارتي فورس جو ھڪ حاضر سروس ملٽري انٽيليجنس جو ڪرنل پروھيت سمجھوتھ ايڪسپريس جي ڌماڪي ۾ ملوث ھو، ان سانحي ۾ 2 سئو کان وڌيڪ پاڪستاني زندھھ سڙي ويا ھئا، ان کان علاوھ ڀارتي فوج جو اِھو ڪرنل مالي ڳوٺ جامع مسجد دھلي ۽ اجمير شريف درگاھھ تي بم ڌماڪن ۾ بھ ملوث ھو، ڀارت جي ڪجھھ انتھاپسند ھندو تنظيمن جي مدد سان ڪيل انھن ڌماڪن جي جاچ ڪئي وئي تھ خبر پئي تھ دھشتگردي جون اھي وارڌاتون پاڪستان جي ڪنھن ڳجھي ايجنسي نھ پر خود ڀارت جي ڳجھي ايجنسي جي ھڪ ڪرنل جي مدد سان ڪيون ويون. ڀارت ۾ ٿيل دھشتگردي جي انھن وارڌاتن جو الزام پاڪستاني ڳجھي ايجنسي آءِ ايس آءِ ۽ لشڪر طيبھ تي لڳايو ويو ھو، ڪرنل پروھيت ڀارتي جيل ۾ بند آھي، جڏھن تھ ڪجھھ شدت پسند ھندو تنظيمن جا رھنماءَ بھ دھشتگردي جي وارڌاتن جي الزام ۾ گرفتار آھن. بلوچستان ۾ ڀارتي مداخلت جا شاھد ڪئين ڀيرا ڀارتي حڪومت کي ڏنا ويا آھن، مصر جي شھر شرم الشيخ ۾ ٿيل سربراھھ ڪانفرنس ۾ ڀارتي وزيراعظم بلوچستان ۾ مداخلت جي خاتمي جي خاطري بھ ڪرائي ھئي. جيستائين ابوجندال جو تعلق آھي تھ اھو ڀارتي شھري آھي، ان کي سعودي عرب ۾ گرفتار ڪيو ويو ۽ ڀارت ڊي پورٽ ڪيو ويو ۽ ھاڻي ڀارتي تحقيقاتي ايجنسيون ابوجندال جي پاڪستاني دوري ۽ ممبئي حملن ۾ ملوث ھجڻ جا ٺڪاءَ ڇڏي رھيون آھن، رياست جي قيد ۾ ڪنھن بھ شخص کان ڪوبھ اعتراف ڪرائي سگھجي ٿو، عالمي قانون ان اعتراف کي ڪابھ حيثيت نٿا ڏين، غير رياستي عنصر جيڪڏھن پاڪستان ۾ آھن تھ اھي ڀارت ۾ بھ موجود آھن، ٻنھي ملڪن جي سياسي قيادت کي ھڪجھڙي عزم ۽ سياسي يقين سان خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ابوجندال يا ڪرنل پروھيت جھڙن عنصرن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ بغير خطي ۾ امن استحڪام ۽ خوشحالي جو خواب پورو نٿو ڪري سگھجي. ڀارتي قيادت کي سياچن کي غير فوجي علائقو قرار ڏيڻ جي ان مفاھمت تي عملدرآمد ڪرڻ گھرجي جيڪا شھيد محترمھ بينظير ڀٽو ۽ راجيو گانڌي ۾ ٿي ھئي، سر ڪريڪ جي معاملي تي بھ ٻنھي ملڪن جي وچ ۾ تڪرار صرف ھڪ نشست ۾ حل ٿي سگھي ٿو، ٻنھي ملڪن جي شھرين کي ويزي جي فراھمي ۾ آسانيون پيدا ڪري ۽ کين پوليس رپورٽنگ مان آجو ڪري خطي ۾ ڇڪتاڻ گھٽائي سگھجي ٿي ۽ ٻنھي ملڪن جي عوام کي ھڪٻئي جي ويجھو آڻي سگھجي ٿو. ڪشمير تڪرار جي نبيري لاءِ ڀارت کي دنيا جي سڀ کان وڏي جمھوري رياست ھجڻ جي ناطي ڪشميري عوام جي راءِ جو خيال رکڻو پوندو ۽ ھڪ آزاد غير جانبدار ۽ شفاف چونڊن جي نتيجي ۾ ڪشميرين کي پنھنجي مستقبل جي تعين جو اختيار ڏيڻو پوندو، ھڪٻئي تي الزام لڳائڻ سان مسئلا ڪڏھن بھ حل نھ ٿيندا ۽ ٻنھي ملڪن جا وسيلا عوام جي فلاح ۽ بھبود جي بدران جنگي ھٿيارن جي خريداري تي کپندا رھندا، امن جي خواھش يا امن جي آشا ھن خطي جي عوام جو حق آھي، کين ان حق کان محروم نٿو ڪري سگھجي، جيڪڏھن غير رياستي عنصر پنھنجي تشريح ڪيل حب الوطني تحت نفرت جي باھھ ڀڙڪائن ٿا تھ اھا باھھ ٻنھي پاسي ڀڙڪائي وڃي ٿي، ھڪ پاسي ممبئي واقعا ٿين ٿا ٻئي پاسي بلوچستان ۾ عسڪريت پسندن کي مدد فراھم ڪئي وڃي ٿي. جيڪڏھن مذاڪرات ۾ ابوجندال جو معاملو اٿاريو وڃي ٿو تھ يقينن پاڪستان جواب ۾ سمجھوتھ ايڪسپريس تي ڳالھائيندو. اھو سلسلو بند ٿيڻ گھرجي ۽ اھو سلسلو ان وقت بند ٿيندو جڏھن ٻنھي ملڪن جي سياسي قيادت سياسي عزم ۽ جمھوريت جي طاقت جي ذريعي تشدد ڀڙڪائيندڙ غير رياستي عنصرن تي ضابطي آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي…

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button