پاڪستان خاصخيلي راڄوڻي اتحاد جو اجلاس ٺري ۾ ٿي گذريو
ٺري ميرواهه ( محمد اقبال سومرو ) پاڪستان خاصخيلي راڄوڻي اتحاد جو اجلاس ٺري ميرواهه ڀرسان ڳوٺ يار محمد خاصخيلي ۾ ٿي گذريو ، خاصخيلي راڄوڻي اتحاد پاران سڄي سنڌ اندر پنهنجا اميدوار بيهارڻ جو اعلان ، اجلاس جي صدارت پاڪستان خاصخيلي راڄوڻي اتحاد سنڌ جي صدر سرائي نياز حسين خاصخيلي ڪئي ، جڏهن ته اعزازي مهمان الهرکيو خاصخيلي ، حاجي غلام الدين خاصخيلي ۽ ٻيا هيا ، خاصخيلي راڄوڻي اتحاد ۾ تعلقه ٺري ميرواهه ، تعلقه فيضگنج ، تعلقه نارا جي خاصخيلي برادري جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ، خاصخيلي راڄوڻي اجلاس جي سوين ماڻهن کي خطاب ڪندي پاڪستان خاصخيلي راڄوڻي اتحاد سنڌ جي صدر سرائي نياز حسين خاصخيلي چيو ته پنهنجا ويڇا ختم ڪري هڪ ٿي وڃو ، هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان راڄوڻي اتحاد سڄي سنڌ ۾ مظبوط اتحاد بڻجي چڪو آهي ، جنهن ۾ 79 برادريون شامل آهن ، هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ پاڪستان خاصخيلي راڄوڻي اتحاد جي پليٽ فارم تان هر پي ايس تي پنهنجا اميدوار بيهارينداسين ۽ پنهنجي قوم ۽ برادرين کي حق وٺرائي ڏينداسين ، سرائي نياز حسين خاصخيلي وڌيڪ چيو ته پرويز مشرف جو دور تاريخ جو بهترين دور ليکيو وڃي ٿو ، پرويز مشرف هڪ بهادر ۽ ڏاهو انسان آهي ، هن وڌيڪ چيو ته پرويز مشرف جلد پاڪستان ايندو ، ۽ ملڪ ۾ ٻيهر خوشحالي ايندي ، ان موقعي تي پاڪستان خاصخيلي راڄوڻي اتحاد جي اجلاس کي الهرکيو خاصخيلي ، حاجي غلام الدين خاصخيلي ، منير احمد خاصخيلي ، ڪوثر خاصخيلي ۽ ٻين خطاب ڪيو ،