پاڪستان ترڪي سان گهڻ رخي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي: صدر آصف علي زرداري
اسلام آباد(اي پي پي):صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان ترڪي سان پنهنجن ڀائراڻن لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو ۽ ساڻس گهڻ رخي لاڳاپن کي وڌيڪ مضقبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي، ڪالهه اربع ڏينهن هتي ايوان صدر ۾ ترڪي جي گرينڊ نيشنل اسيمبلي جي اسپيڪر جميل سيسڪ ۽ وفد سان ڳالهايئندي صدر پاڪستان ۽ ترڪي کي فال جمهوريت قرار ڏنو ۽ چيو ته ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ ۽ ان جا ميمبر خصوصي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، صدر ترڪ اسپيڪر ۽ ان جي وفد جي آجيان ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته ان دوري سان ٻنهي ملڪن جي پارليامنيٽ جي وچ ۾ دوستي مضبوط ٿيندي، هن خوشي جو اظهار ڪيو ته ترڪ قومي اسيمبلي ۾ پاڪ ترڪ فرينڊشپ گروپ سڀ کان وڏو گروپ آهي، صدر چيو ته سڄي دنيا ۾ نيون اسرندڙ جمهوريتون ترڪي جي جمهوري ارتقا جي تجربي مان گهڻو ڪجهه سکي سگهن ٿيون، هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني وفدن جي تسلسل سان اچ وڃ سان هڪٻئي کان سکڻ ۽ جمهوري ادارن کي مضبوطي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو موقعو ملندو، ان موقعي تي هن جمهوريت ۽ جمهوري ادارن جي مضبوطي جي لاءِ پاڪستاني پارليامينٽ جي اهم قانونسازي جي قدمن جو به ذڪر ڪيو، هن چيو ته 1973ع جي آئين جي اصل شڪل ۾ بحالي، 18 هين آئيني ترميم، صوبن کي اختيارن جي منتقلي، گلگت بلتستان ۽ فاٽا ۾ وڏي بنياد تي سڌارا اقليتن جي حقن جي تحفظ لاءِ قدم ۽ حڪمراني جي اصولن کي وڌيڪ شفاف بڻائڻ جي لاءِ قانونسازي جمهوريت جي مضٻوطي طرف اهم قدم آهن