مختصر خبرون

ٽيوب ويل بند هجڻ خلاف آبادگارن جي 53 هين ڏينهن به مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال جاري

خيرپور(رپورٽ شڪيل احمد جانوري) خيرپور ضلعي ۾ ويهن کان وڌيڪ شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ اسڪارپ جا 450 کان وڌيڪ ٽيوب ويل بند هجڻ خلاف آبادگارن جي 53 هين ڏينهن به مرڻ گهڙي واري بک هڙتال جاري. مختلف شهرن کان آبادگارن بک هڙتالي ڪيمپ تي پهچي بک هڙتالين جي حمايت ۾ ڪيمپ تي ويٺا. خبر موجب خيرپور ضلعي ۾ ويهن کان وڌيڪ شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ اسڪارپ جا 450 کان وڌيڪ ٽيوب ويل بند هجڻ خلاف آبادگارن جي 53هين ڏينهن به مرڻ گهڙي واري بک هڙتال ڪامريڊ غلام رسول سهتو جي اڳواڻي ۾ ڦولباغ خيرپور ۾ جاري رهي. جڏهن ته خيرپور ضلعي جي سوڀوديرو، سڳيون، هنگورجا، فيض گنج، ٺري ميرواهه ۽ ٻين شهرن کان آبادگارن جا وفد خيرپور پهچي بک هڙتالي آبادگارن جي حمايت ۾ سندن ڪيمپ تي ويٺا. ان موقعي تي ڪامريڊ غلام رسول سهتو چيوته جيستائين خيرپور ضلعي جي ويهن کان وڌيڪ شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ ختم ڪري اسڪارپ جا بند پيل ٽيوب ويل چالو نه ڪيا ويندا ته اسانجي مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال جاري رهندي. جڏهن ته آبادگارن جي لڳاتار بک هڙتال ڪرڻ سبب سندن بلڊ پريشر ۽ وزن گهٽجڻ لڳو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button