مختصر خبرون

ٽنڊومستي لڳ نوجوان پراسرار نموني بجلي ۾ اچي فوت

پير جو ڳوٺ: ٽنڊومستي لڳ پاڻي جي واري تي ويل نوجوان پراسرار نموني بجلي ۾ اچي فوت، سندس لاش زمين مان ٿنڀي هيٺان هٿ، گهر ۾ ڪهرام، رپورٽ موجب، ٽنڊومستي لڳ ڳوٺ بهادر چانڊيو جو رهواسي نوجوان هاري محمود علي پٽ منٺار علي چانڊيو جيڪو ٽنڊومستي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڦوڙهي چانڊيو ڀرسان زمين کي پاڻي ڏيڻ لاءِ ويو ته پراسرار نموني بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ ڪري فوت ٿي ويو جنهن جو لاش سندس زمين مان بجلي جي ٿنڀي هيٺان هٿ سڙيل حالت ۾ هٿ آيو آهي، ان ڏس ۾ ٽنڊومستي پوليس ڄاڻايل هنڌ پهچي نوجوان جو لاش کڻائي وارثن حوالي ڪيو جيئن لاش گهر پهتو ته ڪهرام مچي ويو. ان ڏس ۾ ٽنڊومستي پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته نوجوان جو لاش ٻني مان بجلي جي ٿنڀي هيٺان هٿ آيو آهي جڏهن ته نوجوان جا ٻئي هٿ سڙيل آهي جنهن مان لڳي ٿو ته نوجوان بجلي جي ڪرنٽ لڳڻ ڪري فوت ٿي ويو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button