ٽانوري شاخ جي آر ڊي 90 جي آبادگارن پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو
شهدادڪوٽ (رپورٽ : ضميرکرل) شهدادڪوٽ ۾ ٽانوري شاخ جي آر ڊي 90 جي آبادگارن پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، احتجاج ڪندڙ آبادگارن مير منظور مگسي ، سهيل مگسي، امداد ريٽي ، مظهر مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽانوري شاخ جي آر ڊي 90 وٽ احتجاجي مظاهرو ڪندي ڌرڻو هنيو۽ آبپاشي عملدارن خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي آبادگارن ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي دانهيو ته علائقي جي ٽانوري شاخ سميت ٻين شاخن ۾ آبپاشي عملدارن جي هٿرادو پاڻي جي کوٽ سبب آبادگار سخت پريشان آهن ، هنن چيو ته پاڻي جي بد ترين کوٽ سبب اڃان تائين آبادگار ٻيجارو به پوکي ناهن سگهيا جنهن سبب علائقي ۾ قحط واري صورتحال آهي، فصل ته ٺهيو پر ماڻهون ۽ جانور پڻ اُڃ وگهي مري رهيا آهن ، هنن الزام هڻندي وڌيڪ چيو ته آبپاشي عملدار آبادگارن جي مسئلن کي حل ڪرڻ بجاءِ آفيسن بدران بنگلن تي ويهي مال ميڙڻ ۾ پورا آهن۽ آبادگارن جي مسئلن تي ڪوبه ڌيان ڪو نه ٿا ڏين هنن گهر ڪئي ته هٿرادو پاڻيءَ جي کوٽ ختم ڪري آبادگارن کي وڌيڪ نقصان کان بچايو وڃي.