مختصر خبرون

ٻٻرلوءِ وٽان هٿياربندن هٿان اغوا ٿيل هندو واپاري بازياب نه ٿيا

پير جو ڳوٺ (رپورٽر) خيرپور لڳ ٻٻرلوءِ وٽان هٿياربندن هٿان اغوا ٿيل هندو واپاري بازياب نه ٿيا، وارث سخت پريشان، گهرن ۾ پوڄا پاٺ، رپورٽ موجب، 5 ڏينهن اڳ ڪراچي کان ڪار ۾ ٺل ويندي خيرپور لڳ ٻٻرلوءِ واري علائقي مان ڪار سميت هٿياربندن هٿان اغوا ٿيل ٺل واسي هندو پنچائت ٺل جي صدر رميش لعل، هري لعل، اشوڪ ڪمار کي پوليس 5 ڏينهن گذرڻ باوجود هٿياربندن جي چنبي مان بازياب ڪرائي نه سگهي آهي جنهنڪري مغوين جي گهرن ۾ روڄ راڙو متل آهي جڏهن ته مغوين جا وارث پوليس جي ناقص ڪارڪردگي مان سخت مايوس ٿي ويا آهن ۽ گهرن ۾ پوڄا پاٺ شروع ڪري ڏنو آهي. هوڏانهن ايس ايس پي خيرپور پاران پوليس کي حڪم جاري ڪيا ويا آهن ته ڪچي جي سمورن رستن کي سيل ڪري مغوين واپارين کي جلد بازياب ڪرايو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button