ٺيڪيدار پاران ننڍري ٻار تي تشدد، نينگر جي ٻانھن ڀڄي پيئي
ٺري ميرواهه ( سومرو) کجي کي ڀينڊ ٿو هڻين ، ٺيڪيدار پاران معصوم يتيم نينگر تي تشدد ، زمين تي اڇلائي ڇڏيو ، نينگر جي ٻانهن ڀڃي ڇڏي ، سندس امڙ جو ٺري ميرواهه ٿاڻي ۽ پريس ڪلب آڏو مظاهرو ، جوابدار گرفتار ۽ آزاد ، ٺري ميرواهه ڀرسان ڳوٺ عيدل ويسر ۾ معصوم يتيم نينگر منصور حسين ولد مرحوم غلام جعفر ويسر کي باغ جي ٺيڪيدار گهنور ويسر کجي مان ڀينڊ هڻي ڇاڻڻ تي ڏمرجي معصوم ٻار مٿان تشدد ڪيو ۽ ڦيرائي ڦيرائي زمين تي اڇلايو ، جنهن بعد ٻار منصور جي ٻانهن ڀڄي پئي ، سندس وارث ڀاءُ منظور ويسر ۽ سندس امڙ غلام سڪينه معصوم ٻار کي کڻي ٺري ميرواهه ٿاڻي تي آندو ، ليٽر بعد اسپتال داخل ڪرايو آهي ، جڏهن ته ٺري ميرواهه پوليس جوابدار گهنور ويسر کي گرفتار ڪرڻ بعد ڳوٺ جي وڏيري جي چوڻ تي آزاد ڪري ڇڏيو آهي ، تشدد جو شڪار معصوم ٻار منصور جي امڙ غلام سڪينه ۽ سندس ڀاءُ پريس ڪلب ٺري ميرواهه آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي دانهيندي چيو ته ٺيڪيدار هڪ ڏوڏي جي ڪري اسان جي معصوم ٻار جي ٻانهن ڀڃي ڇڏي آهي ، ٺري ميرواهه پوليس جوابدار کي ڳوٺ جي وڏيري محمد تڳيل ويسر جي چوڻ تي آزاد ڪري ڇڏيو آهي ، ۽ ڳوٺ جو وڏيرو محمد تڳيل ويسر اسان کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي ٿو ۽ چوي ٿو ته ڪيس تان هٿ کڻو ٻي صورت ۾ هتان لڏي وڃون ، هنن ايس ايس پي خيرپور کان گهر ڪئي ته انصاف ڪيو وڃي ۽ وڏيري جي ظلم کي بچايو وڃي .