مختصر خبرون
ٺري ميرواهه جي رهواسين جو ڪوٽ ڏيجي وٽ حادثو
ٺري ميرواهه جي رهواسين جو ڪوٽ ڏيجي وٽ حادثو ، عورت سميت ٽي ڄڻا فوت ، تفصيل موجب ٺري ميرواهه ڀرسان ڳوٺ يار محمد خاصخيلي جي رهواسي محمد بخش خاصخيلي کي علاج لاءِ خيرپور نيو پي ويو ته ڪوٽ ڏيجي ڀرسان سندن ڪار ڪلٽي ٿي پئي ، جنهن جي نتيجي ۾ علاج لاءِ ويندڙ محمد بخش خاصخيلي هڪ عورت مسمات وسڻ خاصخيلي ۽ ڪار ڊرائيور جيڪو خيرپور جو رهواسي ٻڌايو وڃي ٿو فوت ٿي ويا آهن ٻن فوتين مرد ۽ عورت جا لاش ڳوٺ يار محمد خاصخيلي پهچڻ تي ڳوٺ ۾ ڪهرام مچي ويو ، حادثي جي فوتين کي سوين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو