ڪراچي

يو جي فوڊ فيڪٽري پورهيتن کي نوڪري مان بيدخل ڪري ڇڏيو

ملير (خاص نمائندو) بن قاسم جي علاقي گهگهر صنعتي ايريا ۾ قائم يو جي فوڊ فيڪٽري طرفان مختلف الزامن تحت اڪبر کوسو سميت ڏهن پورهيتن کي نوڪري تان بيدخل ڪيو ويو، جنهن جي اطلاع تي مقامي رهواسين ۽ فيڪٽري جي مزدورن ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪندي فيڪٽري اڳيان احتجاجي ڌرڻو هنيو ۽ فيڪٽري انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي پوليس ۽ پورهيتن ۾ چڪريون پڻ ٿيون. مظاهرين جي قيادت ڪندڙ رشيد کوسو، علي ٻٻر، پوڙهو هاري ۽ عبدالغني پليجو مسلسل ٻه ڪلاڪ ڌرڻو هڻڻ بعد فيڪٽري انتظاميا جي آفيسرن مينيجر آصف، ايڊمن آفيسر اسد ۽ ڪانٽريڪٽر صدف سان ڳالهيون ڪيون، جنهن ۾ پوليس آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي. اKarachi labour protestingن موقعي تي فيڪٽري انتظاميا نوڪري تان بيدخل ٿيندڙ اڪبر کوسو ۽ ٻين مزدورن کي نوڪري تي بحال ڪرڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو ۽ ڳالهين دوران نوان مزدور ڀرتي ڪرڻ تي اتفاق ڪيو، جنهن بعد ڳالهين ۾ موجود عوامي تحريڪ، جسقم، سنڌ ترقي پسند نپارٽي ۽ مقامي رهواسين گڏيل طور اعلان ڪيو ته هو خميس ڏينهن گهگهر ۾ مقامي ڳوٺاڻن جو گڏيل اجلاس طلب ڪندا، جتي وڌيڪ حمت عملي جوڙي ويندي. هنن صحافين کي ٻڌايو ته گهگهر ۾ موجود فيڪٽري انتظاميا مقامي ماڻهن کي ڀرتي ڪرڻ کان انڪار ڪري رهي آهي ۽ گذريل پنجن سالن کان ڪم ڪندڙ مقامي مزدورن کي زوريءَ نوڪري تان بيدخل ڪيو پيو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button