پير جو ڳوٺ

وڪري الزام هيٺ هٿ ڪيل 3 عورتون ۽ 2 مرد پيرڳوٺ جي عدالت ۾ پيش

جو ڳوٺ 11 جولاءِپير جو ڳوٺ (رپورٽ: اصغر ملاح) ٻٻرلوءِ پوليس هٿان وڪري الزام هيٺ هٿ ڪيل 3 عورتون ۽ 2 مرد پيرڳوٺ جي عدالت ۾ پيش، عورتون جيل حوالي، مرد رمانڊ تي پوليس حوالي، عورتون پاران عدالت ٻاهران پوليس خلاف دانهون، انصاف جي گهر، رپورٽ موجب، 2 ڏينهن اڳ ٻٻرلوءِ پوليس پاران وڪري ڪرڻ جي الزام هيٺ ٿيل ڪيل پنجاب واسي ٽن نوجوان عورتن ثنا، شهربانو، عائشه ۽ ٻن مردن الهداد چوهاڻ ۽ اصغر راجپوت کي ٻٻرلوءِ پوليس پيرڳوٺ جي عدالت ۾ پيش ڪيو جتي عدالت نارين ۽ مردن جا بيان وٺڻ بعد عدالت ڄاڻايل ٽنهي عورتن کي لاڙڪاڻي وومين جيل حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو جڏهن ته ٻنهي مردن کي 10 ڏينهن جي رمانڊ تي ٻٻرلوءِ پوليس حوالي ڪري ڇڏيوجو ڳوٺ 11 جولاءِ تصوير 21، هوڏانهن عدالت ۾ پيشي بعد عورتن ڄاڻايل عورتن ثنا، شهربانو ۽ عائشه صحافين آڏو دانهيندي ٻڌايو ته ٻٻرلوءِ پوليس اسان سان ناحق ڪيو آهي اسان قلندر شهباز جي ميلي تان واپسي ۾ خيرپور ۾ پنهنجي رشتيدارن ڏانهن وڃي رهيا هئاسين ته ٻٻرلوءِ پوليس بيگناهه اسانجي شڪ جي بنياد تي پڪڙي وڪري جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي جيڪو وڏو ناحق آهي هنن چيو ته اسان شريف عورتون آهيون جڏهن ته پوليس ٿاڻي تي لاڪ اپ ڪرڻ بعد اسان عورتن کي مرد پوليس اهلڪارن تلاشي وٺي عزت تي وڏو وار ڪيو آهي هنن چيو ته پوليس اسان کان 60 هزار روڪ رقم پڻ ڦر ڪئي آهي آءِ جي سنڌ کان گهر ڪئي آهي ته واقعي جي بي ريا جاچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button