وڏي وزير شاهه ڀٽ شاهه ڊولپمينٽ اٿارٽي جي قيام جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي
حيدرآباد : سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڀٽ شاهه ڊولپمينٽ اٿارٽي جي قيام جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ۽ ان سان گڏوگڏ موجوده بجيٽ ۾ ڀٽ شاهه ۾ عالمي سطح جي علمي، ادبي ۽ ثقافتي ادارن جي قيام جي منظوري ڏني وئي آهي جڏهن ته شهرن توڙي ٻهراڙي وارن علائقن لاءِ اهم ترقياتي منصوبن، جي پڻ منظوري ڏني وئي آهي جنهن سان علمي ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ اضافو ٿيندو ۽ عوام جي زندگين ۾ سولايون پيدا ٿينديون .اها ڳالهه بين الصوبائي رابطن ۽ نوادرات کاتن جي صوبائي وزير مخدوم جميل الزمان اڄ ڀٽ شاهه ريسٽ هائوس ۾ هڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪئي _ صوبائي وزير چيو ته ڀٽ شاهه ترقياتي اداري جي قيام سان ڀٽ شاهه شهر جي سارسنڀال ۽ تعميراتي سرگرمين جي هڪ نئين دور جو آغاز ٿيندو ۽ مقامي ماڻهن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا _ مخدوم جميل الزمان چيو ته صدر پاڪستان جي ذاتي دلچيسپي سبب ڀٽ شاهه ۾ تعمير ٿيندڙ ملڪ جي پهرين صوفي يونيورسٽِي جو تعميراتي ڪم تمام جلد شروع ڪيو ويندو ۽ شروعاتي طور تي ان اهم منصوبي لاءِ 200 ملين رپيا مختص ڪيا ويا آهن. _هن چيو ته يونيورسٽي جي قيام کانپوءِ ڪنهن صوفي ازم سان لاڳاپيل معزز شخصيت کي اداري جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويندو .هن چيو ته ڀٽ شاهه ۾ ڪاشي انسٽيٽيوٽ جي قيام جي منظوري ڏني وئي آهي ۽ ان لاءِ 120 ملين رپيا رکيا ويا آهن جتي هالا ، نصرپور ۽ ٽنڊو محمد خان جي ڪاشي جي ماهر ڪاريگرن کان رهنمائي حاصل ڪئي ويندي ۽ ڪاشي جي تربيت پڻ ڏني ويندي _ صوبائي وزير چيو ته شاعرن جي سرتاج حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽآئي رحه جي شاعري تي وڏن عالمن تحقيق ڪئي آهي ۽ ان تحقيق کي اڳتي وڌائڻ لاءِ شاهه لطيف جي راڳن ۽ سرن تي تحقيق لاءِ شاهه ڀٽائي ريسرچ انسٽيٽيوٽ ۽ ميوزڪ اڪيڊمي جي قيام جي منظوري ڏني وئي آهي ۽ ان سلسلي ۾ تمام جلد ڪم جو آغاز ڪيو ويندو _هن ٻڌايو ته سنڌ جي پراڻي گادي واري هنڌ خدا آباد جي قديم تاريخي مسجد جي مرمت جو ڪم پڻ ويجهڙائي ۾ شروع ڪرايو ويندو . صوبائي وزير ٻڌايو ته هالا ميوزيم جي قيام لاءِ ابتدائي طور تي 60 ملين رپين جي رقم مختص ڪئي وئي آهي جڏهن ته ڀٽ شاهه ترقياتي منصوبي جي ٻئي مرحلي جي منظوري ڏني و ئي آهي ۽ ان منصوبي جي ڪل لاڳت 116 ملين رپيا آهي.مخدوم جميل الزمان ٻڌايو ته هالا شهر جي عوام جي تڪليفن کي ڏسندي موجوده بجيٽ ۾ شهر لاءِ پاڻي جي نڪاسي جي نظام کي بهتر بنائڻ لاءِ هڪ وڏي پروجيڪٽ جي منظوري ڏني وئي آهي ۽ ان منصوبي لاءِ 161 ملين رپيا منظور ڪيا ويا آهن _ هن چيو ته ان منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان هالا شهر جو وڏو مسئلو حل ٿي ويندو .هن چيو ته ٻهراڙي جي عوام کي سفري سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ مٽياري ، نصرپور روڊ کي بهتر بنائڻ ۽ سعيد آباد- بکر جمالي روڊ جي مرمت سميت ويڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي جڏهن ته حيدرآباد ڊويزن ۾ هر 500 ماڻهن جي وسندي کي مکيه روڊ سان ملائڻ لاءِ لنڪ روڊ تعمير ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو آهي _ صوبائي وزير چيو ته ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته ڀٽ شاهه پبلڪ اسڪول جو ڪم جلد شروع ڪيو وڃي جڏهن ته ڊسٽرڪٽ ڪورٽ جي عمارت جي تعمير جي پڻ منظور ڏني وئي آهي . صوبائي وزير ٻڌايو ته مخدوم طالب الموليٰ لا ڪاليج ۾ تدريسي عمل شروع ٿي ويو آهي ۽ ان منصوبي جو ٻيهر جائزو وٺي ان لاءِ 13 ڪروڙ رپيا مختص ڪيا ويا آهن _ هن چيو ته قانون جي تعليم جي ان اداري کي مثالي ادارو بڻايو ويندو . مخدوم جميل الزمان ٻڌايو ته مٽيِاري ضلعي جي مختلف ڪاليجن ۾ پوسٽ گريجوئيٽ ڪلاسن جي شروعات ٿي وئي آهي _ هن ٻڌايو ته درگاهه نوح جي مرمت ۽ خوبصورتي وارو ڪم پڻ جلد شروع ڪيو ويندو _ هن ٻڌايو ته ڳوٺ بکر جمالي ۾ برساتي پاڻي بيهڻ هڪ وڏو مسئلو رهيو آهي ۽ ان مسئلي جي حل لاءِ گندي پاڻي جي نيڪالي جي اسيڪم پڻ منظور ڪئي وئي آهي ۽ ان لاءِ 45 ملين رپيا منظور ڪيا ويا آهن _ صوبائي وزير ضلعي لاءِ اهم منصوبا منظور ڪرڻ لاءِ سنڌ جي وڏي وزير جو ٿورو مڃيو ۽ چيو ته انهن منصوبن جي مڪمل ٿيڻ سان ڀٽ شاهه ۾ عالمي سطح جا ادارا قائم ٿيندا جنهن سان عوام کي گهربل سهولتن جي فراهمي ممڪن ٿي سگهندي . پريس ڪانفرنس ۾ صوبائي وزير سان ڊپٽي ڪمشنر مٽياري فرخ شهزاد قريشي، ايس ايس پي مٽياري منظور علي کٽياڻ ۽ ٻيا عملدار موجود هئا .