پير جو ڳوٺ

وڏا ماڇيون ۾ پسند جو پرڻو ڪرڻ تان شروع ٿيل خوني تڪرار جو نبيرو

khairpur1 640x480پير جو ڳوٺ (رپورٽ: اصغر ملاح) وڏا ماڇيون ۾ پسند جو پرڻو ڪرڻ تان شروع ٿيل خوني تڪرار جو نبيرو ٿي گذريو، ڌرين مٿان 19 لک رپيه ڏنڊ، ڌريون کير کنڊ، رپورٽ موجب، پيرڳوٺ لڳ وڏا ماڇيون ۾ نوجوان ناري سسئي سولنگي ۽ ربنواز سولنگي پاران پسند جو پرڻو ڪرڻ تان سولنگي برادري جي ربنواز سولنگي ۽ حاڪم سولنگي جي ٻن ڌرين وچم شروع ٿيل خوني تڪرار جو نبيرو وڏا ماڇيون ۾ سولنگي برادري جي چڱي مڙس سائينداد خان سولنگي جي سرپئنچي ۾ سندس رهائشگاهه تي ٿيو جنهن ۾ ربنواز سولنگي پاران وزير ملڪ ۽ مور سولنگي جڏهن ته حاڪم سولنگي واري ڌر پاران استاد شمن علي سولنگي ۽ ضمير احمد سولنگي مشير طور شرڪت ڪئي، ربنواز سولنگي واري ڌر پاران سندس ڀاءُ استاد علي ڏنو سولنگي بيان ڪيو جڏهن ته حاڪم سولنگي واري ڌر جي اختيار سولنگي سرپئنچ آڏو بيان ڪيا جنهن بعد فيصلي جي سرپئنچ ڌرين جي مشيرن کي بند ڪمري ۾ وٺي صلاح مشورو ڪرڻ بعد فتوا ٻڌائي جنهن ۾ پسند جو پرڻو نوجوان ربنواز سولنگي واري ڌر تي ناري سسئي کي کڻي ساڻس شادي ڪرڻ جو 9 لک رپيه ڏنڊ وڌو ويو جڏهن ته حاڪم سولنگي جي گهر کي باهه ڏيڻ جا 3 لک رپيه، ناري سسئي جي چاچي نثار سولنگي جي گهر کي باهه ڏئي ساڙڻ جو هڪ لک رپيه يعني ربنواز سولنگي جي ڌر تي 13 لک رپيه ڏنڊ وڌو ويو ۽ نوجوان ربنواز سولنگي جي ڀاءُ مشتاق سولنگي جي قتل جو 6 لک رپيه ڏنڊ حاڪم سولنگي واري ڌر مٿان وڌو ويو اهڙي طرح مجموعي طور ڌرين مٿان 19 لک رپيه ڏنڊ وڌو ويو. ٻئي طرف مقتول مشتاق سولنگي جي قتل جا 6 لک رپيه ڪٽ ڪري باقي ربنواز سولنگي جي ڌر، حاڪم سولنگي جي ڌر کي 7 لک رپيه ڏنڊ ادا ڪندي، جڏهن ته ربنواز سولنگي واري ڌر موقعي تي 70 هزار رپيه ڏنڊ جمع ڪرايو باقي ڏنڊ جي رقم ٽن قسطين ۾ ادا ڪئي ويندي، هوڏانهن اهڙي ٺاهه بعد ڌرين کي ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪيو ويو. ياد رهي ته هڪ سال اڳ ناري سسئي سولنگي ۽ نوجوان ربنواز سولنگي پاران گهران فرار ٿي پسند جو پرڻو ڪرڻ تان ڌرين ۾ خوني تڪرار شروع ٿيو هو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button