وڏا ماڇيون جي نوجوانن پاران ڊائريڪٽر ڪاليجز مظاھرو
پير جو ڳوٺ (رپورٽر) پيرڳوٺ لڳ وڏا ماڇيون جي نوجوانن پاران ڊائريڪٽر ڪاليجز سکر خلاف پيرڳوٺ ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، احتجاج ڪندڙن جي اڳواڻي صغير احمد چنو، اعجاز احمد سولنگي، سعيد احمد سولنگي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته 9 مهينا اڳ پ پ ايم اين اي سيد نفيسه شاهه جيلاني اسانکي تعليم کاتي ( ڪالجيز ۾ ) پٽيوالي جا آرڊر ڏنا هئا پر 9 مهينا گذرڻ باوجود ڊائريڪٽر ڪاليجز سکر اسانکي جوائننگ آرڊر جاري نٿو ڪري جنهن وقت به سندس آفيس ۾ وڃون ٿا ته هو دڙڪا ڏئي موٽائي ڇڏي ٿو ۽ چوي ٿو ته جنهن توهان کي آرڊر ڏنا آهن ان کان وڃي جوائننگ آڊر ڪرايو آئون نه ڪندس، جيڪا اسان سان وڏي زيادتي ۽ ناحق آهي هنن سيد نفيسه شاهه جيلاني کان گهر ڪئي ته ڄاڻايل ڊائريڪٽر جي زيادتين جو نوٽيس وٺي جلد جوائننگ آرڊر ڏئي پريشاني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.