وفاقي وزيرپاران واهن کي لڳل گهارن جي اعلى سطح تي جانچ ڪرائڻ جو اعلان
رپورٽ فهيم ڀٽي، ٽنڊو محمد خان
بچاءُ واري وفاقي وزير سيد نويد قمر چيو آهي ته ڪئنالن واهن کي لڳل گهارن جي اعلى سطح تي جانچ ڪرائڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ، ڪوتاهي ڪندڙ آبپاشي عملدارن خلاف سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي نوٽس ورتو آهي، اهڙو اظهار هن ٽنڊو محمد خان جي ڪئنالن واهن کي لڳل گهارن جي معائني ڪرڻ بعد، پ پ جي ضلعي صدر حاجي محمد امين لاکو طرفان سندس مان ۾ ڏنل آجياڻي دوران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته موجوده وقت امڪاني برساتن کان اڳ حفاظتي اپاءُ وٺڻ لاءِ پڻ آبپاشي عملدارن کي سختي سان اپاءُ وٺڻ جو حڪم ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ڪئنالن ۽ واهن تي وري ٻيهر گهاري نه لڳڻ ۽ سيمو جي بچاءُ جي لاءِ پيچنگ ڪرائڻ جو ڪم جلد مڪمل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، هن چيو ته سنڌ صوبي ۾ برساتن کان اڳ گهارا پوڻ لاءِ وفاقي سرڪار سخت نوٽس ورتو آهي هن چيو ته گذريل دريائي ٻوڏ ۽ برساتن تمام گهڻو نقصان رسايو هو ، جنهن جي تجربن مان هاڻي اڳ رٿا بندي مڪمل ڪرائڻ جي ضرورت آهي هن چيو ته ايندڙ امڪاني برساتن جي بچاءُ لاءِ به اپاءُ ورتا وڃڻ پيا. جنهن ۾ سم نالن ۽ واهن جي کوٽائي جو ڪم بهتر ڪيو وڃي پيو، سنڌو دريا جي بندن جي مرمت جو بهتر ٿيو آهي اڃا به ڪم جاري آهي هن چيو ته موجوده حالتن ۾ جمهوري حڪومت نيٽو جي سپلاءِ بحال ڪرڻ جو ڪم قومي مفادن کي نظر ۾ رکي ڪيو آهي قومي مفادن تي ڪا به سودي بازي نه ڪئي ويندي نه وري قومي مفادن کي ڪو به نقصان رسڻ ڏنو ويندو، هن چيو ته رمضان شريف ۾ لوڊ شيڊنگ کي مڪمل ختم ڪرائڻ لاءِ اپاءُ ورتا وڃن پيا، روز مرهه جي کاڌ خوراڪ جي اگهن ۾ گهٽتائي آندي ويندي ۽ يوٽيلٽي اسٽورن کي عوامي مفادن تحت پيڪيج ڏنا ويا آهن ايندڙ چونڊون مقرر وقت کان اڳ ٿي سگهن ٿيون جنهن لاءِ حڪومت صاف شفاف چونڊون ڪرائڻ ۾ پنهنجو عملي ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سيد برڪات احمد رضوي، پ پ ضلعي نائب صدر سيد اعجاز نبي شاهه ۽ سيد اعجاز شاهه بخاري پڻ شامل هئا.