وزير اعليٰ سنڌ پاران پوليو مهم لاءِ 200 ملين روپيه گرانٽ جو اعلان
ڪراچي(رپورٽر) آمريڪا ۽ ڪينڊا جي روٽري پوليو ٽيم جي 15 رڪني وفد اڄ وزير اعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاھ سان وزير اعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي.پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي واري سفير آصفه ڀٽو زرداري ، پوليو جي خاتمي متعلق نيشنل ٽاسڪ فورس جي ميمبر ڊاڪٽر ميڊم عزرا افضل پيچوهو، ايم اين اي موجود هئا. وزير اعليٰ سنڌ پوليو جي خاتمي واري پروگرام جي متعلق ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت جي ڪوششن سان پوليو جي خاتمي ۾ ڪافي بهتري آئي آهي. هن چيو ته ضلعي سطح تي فوڪل پرسنس مان ڪافي مدد ملي آهي جڏهن ته سنڌ جي صحت کاتي کي سنڌ حڪومت پاران مقرر ڪيل ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ گھربل ضرورتون پوريون ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. ايندڙ سال تائين سنڌ صوبو پوليو کان پاڪ ٿي ويندو جنهن لاءِ موثر قدم ورتا پيا وڃن. ان موقعي تي پوليو واري خاتمي جي واري پاڪستاني سفير آصفه ڀٽو زرداري پنهنجي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته پوليو جهڙي موذي مرض جو پاڪستان مان جلد خاتمو ڪيو ويندو. هن پوليو جي خاتمي واري مهم جي ڪاميابي لاءِ مربوط تعاون ۽ سچي جذبي سان ڪم ڪرڻ تي زور ڀريو.ان موقعي تي وزير اعليٰ سنڌ حڪومت سنڌ پاران پوليو مهم لاءِ 200 ملين روپيا گرانٽ جو اعلان ڪيو. روٽري ڪلب پاڪستان جي صدر صديق ميمڻ چيو ته پاڪستان مان پوليو جو خاتمو اسان جي گڏيل ذميواري آهي گڏجاڻي ۾ پوليو سپروائيزر جوناٿن ڊيوڊ فيرس، رابرٽ ليپي، بائرون ملر، احمد عظمي، ناديا عظمي، سرج پاولين، ڊينو مرزارو، ماروڊ روسم، اسلم خاليڪا، مينب خان، فيض ڪيدوائي۽ اقبال قريشي به ان موقعي تي موجود هئا.