هٿياربندن جو موٽر سائيڪل تي حملو، هڪ ڄڻو قتل
پير جو ڳوٺ (رپورٽ: اصغر ملاح) ڳاڙهي موري لڳ هٿياربندن جو موٽر سائيڪل تي حملو، ڇتي فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل، سندس ڀاءُ معجزانه طور بچي ويو، رپورٽ موجب، ڳاڙهي موري لڳ ٻٻرلوءِ ٿاڻي جي حد ڳاڙهي موري لنڪ روڊ تي نامعلوم هٿياربندن اوچتو حملو ڪري ڇتي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ پريالوءِ واسي موٽر سائيڪل سوار انصاري برادري جو چڱو مڙس فقير علي شير انصاري موقعي تي مارجي ويو جڏهن ته سندس ڀاءُ شاهن انصاري معجزانه طور بچي ويو هوڏانهن هٿياربندن فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، واقعي جي اطلاع تي ٻٻرلوءِ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش تحويل ۾ وٺڻ بعد ڳاڙهي موري اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد سندس وارثن حوالي ڪيو جيئن لاش گهر پهتو ته ڪهرام مچي ويو، هوڏانهن مقتول علي شير انصاري جي ڀاءُ شاهن انصاري ٻڌايو ته اسان پريالوءِ کان ڳاڙهي موري وڃي رهيا هئاسين ته هٿياربندن ڳاڙهي موري لنڪ روڊ تي اسان مٿان ڇتي فائرنگ ڪري ڏني جنهن ۾ منهنجو ڀاءُ علي شير انصاري موقعي تي مارجي ويو ۽ آئون معجزانه طور بچي ويس هن چيو ته منهنجي ڀاءُ کي جلباڻي برادري جي هٿياربندن قتل ڪيو آهي جن کي مون سڃاتو آهي هن چيو ته جلباڻي برادري جي ماڻهن منهنجي ڀاءُ کي هڪ سال اڳ پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ڌاڙيل بشو جلباڻي جي پلاند هيٺ قتل ڪيو آهي ڇوته جلباڻي برادري کي شڪ هو ته سندن جي ڌاڙيل کي منهنجي مقتول ڀاءُ مخبري ڪري قتل ڪرايو آهي جيڪا هنن کي وڏي غلط فهمي هئي، هوڏانهن واقعي سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو.