شهدادڪوٽ

هٿياربندن اوطاق تي ويٺل هندو نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو

Hindu guy killed شهدادڪوٽ ۾ هٿيار بند دوست جي اوطاق تي ويٺل هندو نوجوان کي قتل ڪري فرار ٿي ويا ، واقعو مبهم بڻيل ، شهر جي (بي) سيڪشن ٿاڻي جي حد آدماڻي ڦاٽڪ ويجھو يتيم آباد پاڙي ۾ اڻ ڄاتل هٿيار بندن دوست معشوق لانگاه جي اوطاق تي ويٺل (26)ورهين جي هندو نوجواڻ اجيت ڪمار پٽ چيٽو مل کي مٿي ۾ فائر ڪري زخمي ڪري وڌو ، جنهن بعد پاريوارن ۽ وارثن اهڙي اطلاع بعد کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي شهدادڪوٽ اسپتال آندو ، جتي زخمن جا سور نه سهندي هن دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو ، هوڏانهن واقعي جي اطلاع تي هندو برادري جا ماڻهون ۽ وڏي انگ ۾ شهري اسپتال پهچي ويا ، ٻڌايو وڃي ٿو ته مقتول هندو نوجوان معشوق لانگاه سان سيلون ۾ ڀائيوار هو ، جيڪو اوطاق ۾ ويٺو هو ته کيس اڻ ڄاتل ماڻهون مٿن حملو ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا آهن ، جڏهن ته هندو نوجوان جو قتل ڳجھارت بڻيل آهي ، هوڏانهن (بي) سيڪشن ٿاڻي جو ايس ايڇ او علي محمد سومرو پوليس نفري سان گڏ واقعي واري هنڌ پهتو واقعي واري جاء کي تالو لڳل هو ، ۽ گھر ۾ اڪيلو پيرسن موجود هو ، جنهن بعد پوليس عملدارن اوطاق جو تالو ٽوڙيو ۽ اندر داخل ٿيا ، اوطاق منجھان پوليس هڪ پسٽل جي گولي جو کول ۽ هڪ ليٽر واري رت سان رڱيل بوتل هٿ ڪري اڪيلي گھر ۾ رهندڙ پيرسن محمد موسى لانگاه کي گرفتار ڪري ورتو آهي ، ان دوران پيرسن محمد موسى لانگاه ميڊيا وارن کي ٻڌايو ته سندس گھر ڀاتي ٻاهر ويل آهن ۽ هُو گھر ۾ اڪيلو رهيل هو کيس واقعي بابت ڪا به ڄاڻ ڪونهي ته هندو نوجوان کي ڪئين ۽ ڪنهن قتل ڪيو آهي ، سندس چوڻ هو ته اوطاق جي چاٻي مقتول نوجوان وٽ موجود هوندي هئي ، ٻئي پاسي واقعي جو آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل ٿي نه سگھيو هو . جڏهن ته حد جي پوليس واقعي بابت وڌيڪ جانچ ڪري رهي آهي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button