لاڙڪاڻو

نواز ليگ ھميشھ غريب عوام جي خدمت ڪندي رھندي،اظھر عيل ڪماريو

PML N would never allow division of Sindh Nawaz1لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ)پاڪستان مسلم ليگ نون ضلعي لاڙڪاڻي پاران صحافين جي مان ۾ شھر جي ھڪ مقامي ھوٽل ۾ تقريب معقعد ڪئي وئي جنھن ۾ صحافين پارٽي عھديدارن جي ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي ڊويزن جي صدر اظھر عيل ڪماريو خطاب ڪندي چيوتھ اسان شڪر گذار آھيون سيد غوث علي شاھھ جا جنھن اسان تي اعتماد ڪري اسان کي ايڏا وڏا عھدا ڏنا اسان بھ اھو واعدو ڪيون ٿا تھ اھا زميواري دل سان پوري ڪنداسين ھن چيوتھ نواز ليگ ھميشھ غريب عوام جي خدمت ڪندي رھندي ھن وڌيڪ چيوتھ اسان جو قائد ميان نواز شريف جيئي سنڌ جا نعرا پڻ ھنيا آھن تقريب کي ڊويزنل جرنل سيڪريٽري عمير امداد انڙ چيوتھ لاڙڪاڻي ڊويزن جي مسلم ليگ ن جو باڊيون مڪمل ٿي چڪيون آھن ۽ اسان جو ڪم يوسين تائين جاري رھندو ھن چيوتھ ميان نواز شريف سنڌ جا دورا ڪندو رھندو تقريب کي سنڌ جي جرنل سيڪريٽري عاشق حسين ڪلھوڙو خطاب ڪندي چيوتھ مان شڪر گذار آھيان پارٽي قيادت ۽ ميان محمد نواز شريف جو ۽ سنڌ جي صدر سيد غوث علي شاھھ جن مون جھڙي غريب ورڪر تي اعتماد ڪندي مون سنڌ جي زميواريءَ جو عھدو سونپيو آھي آءُ وچن ٿو ڪريان تھ ڪڏھن بھ سندن اعتماد کي نھ توڙيندس ۽ ڳوٺ ڳوٺ شھر شھر ۾ وڃي پنھنجي قائد ميان نواز شريف جو پيغام پھچائيندس ان موقعي تي ن ليگ جا نعيم ڪماريو ، اعجاز ڀٽي ، وسيم احمد مغل ، ممتاز علي ڪورائي ، غلام عباس چنا ، زبير ڪلھوڙو، مختيار بروھي، عمران چنھ ، محسن ڪلھوڙو پڻ خطاب ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button