ننڌڻڪي علائقي جو ويڳاڻو عوام
نواب ڪلهوڙو
ملڪي تاريخ ۾ پهرين ڀيرو ڪنهن حڪومت پاران ڪاميابي سان ڳهو ٽپائڻ باوجود نوشهروفيروز ضلعو بدستور سياسي نڌڻڪائپ جو شڪار رهيو ايتري قدر جو ضلعي اندر ٻن وڏين طاقتن ( جتوئي ۽ سيد ) وچ ۾ سياسي ٽڪراءُ هجڻ سبب هڪ طرف ته مقامي ماڻهو اڳي ئي نوڪرين ۽ ترقياتي ڪمن وغيره ۾ نظر انداز ٿيندا رهيا ته ٻئي طرف تازو سيد ۽ زرداري وچ ۾ ڇڙيل سرد جنگ جي نتيجي ۾ ڪڏهن دالي جي ڪنهن ماڻهو ته ڪڏهن خانواهڻ جي ڪنهن شخصيت کي خاص پروٽوڪول ڏئي هڪ ڌر پنهنجي طاقت جو اظهار پئي ڪيو ته ٻي ڌر وري ڪڏهن ذوالفقار مرزا جي دعوت ڪري ته ڪڏهن سينيٽ ووٽ جي خاطري تي پنهنجي حيثيت جو اظهار ڪرڻ وارا عمل به جاري پئي رکيا، جنهن سبب هڪ طرف ته ضلعي نوشهري فيروز جي خاص ڪري ڪنڊياري تعلقي ۾ ٿيندڙ نوڪرين جي آرڊرن، ٽينڊرن،توڙي ٻين ترقياتي ڪمن ۾ رڪاوٽون کڙيون ٿينديون رهيون ۽ انتظاميه توڙي ٺيڪيدار ٻڏتر جو شڪار رهندا آيا ته ٻئي طرف ساڳئي ضلعي ۾ سيدن سان ويجهڙائي جي الزام هيٺ ڪنڊيارو جي ڊي ايس پي سعيد شيخ کي هٽايو ويو ته وري سيدن سان ئي ويجهڙائي رکندڙ ڊي ايس پي کان رورٽ ٿيل حميد پنهور کي ڪنڊيارو ٿاڻي جو ايس ايچ او مقرر ڪيو ويو،هوڏانهن سيدن خلاف اڀاريل هڪ قوت جي خاص ماڻهو کي ٽي ايم اي ۾ ٽرانزيشن آفيسر مقرر ڪيو ويو ته اڳ ۾ اتي ڪم ڪندڙ سندن ماڻهوءَ کي تربيت بهاني واپس گهرايو ويو ته وري انهن جي برادري سان تعلق رکندڙ ڇهن کان وڌيڪ تپيدارن کي هڪ ئي ڏينهن هٽايو ويو،مطلب تي ٻن مخالف طاقتن جي پڙ ۾ ڪنڊيارو جو عوام هميشه وانگر ننڌڻڪن وانگر پيسجندو رهيو،هوڏانهن واري ڪنڊيارو تعلقي ۽ سيدن سان ويجهڙائي رکندڙ ٽيوب ويل ڊويزن نوشهروفيروز جي ايگزيڪٽو انجنيئر سعيد چنڙ کي هٽائي سندس جاءِ تي نبي ڏنو وساڻ نالي هڪ اهڙي شخصيت کي مقرر ڪيو ويو جنهن کي 2010 ع جي مها ٻوڏن دوران ۾ ٽوڙهي بند ٽوڙي اڌ سنڌ ٻوڙڻ واري واقعي ۾ ملوث ثابت ٿيڻ بعد جنهن لاءِ ملڪ جي سڀ کان وڏي عدالت سپريم ڪورٽ پاران سخت ڪاروائي ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو هو جنهن بعد سنڌ حڪومت پاران کيس پهريان شو ڪاز ڏيڻ بعد 18 ڊسمبر 2010ع تي حڪم نمبر اي ون،2_3 ( 204)،2007 تحت معطل ڪيو ويو هو مگر ان هوندي به ملڪي تاريخ ۾ ڪرپشن جي حوالي سان وڏو نالو رکندڙ مذڪوره کاتي جي وزير جي آشيرواد سان سيڪشن آفيسر،ايڊمن ( ايريگيشن ۽ پاور حڪومت سنڌ پاران جاري ٿيل سينيارٽي لسٽ ۾ به ) 161 نمبر تي هجڻ، ٽوڙهي بند واقعي ۾ ملوث هجڻ سبب معطل ٿيڻ باوجود نبي ڏنو وساڻ کي نوشهري فيروز ۾ ايگزيڪٽو انجنيئر جي عهدي تي مقرر ڪيو ويو جتي هن پڻ پنهنجي بدليءَ دوران ڪيل سيڙپ جي اوڳاڙي لاءِ آبپاشي سيڪريٽري جي پهرين ڊسمبر 2011ع تي جاري ٿيل حڪم نمبر ايس او ( اي_آءِ وي ) 281_2،ايس پي ايس سي_2011ع،،سنڌ جي چيف انجنيئر ڊولپمينٽ غلام مصطفي ڏاهري جي ساڳئي ئي ڏينهن يعني پهرين ڊسمبر 2011ع تي جاري ٿيل حڪم نمبر ڊي اي وي،7616 ،پراجيڪٽ ڊائريڪٽر آر بي او ڊي شهيد بينظير آباد جي جي ٻين جنوري 2012ع تي جاري ٿيل حڪم نمبر پي ڊي،ايس بي اي،ايڊمن 2319، 281 موجب منع ڪرڻ جي حڪمن جي ابتڙ پهرئين گريڊ کان 15 گريڊ تائين جي 60 کان وڌيڪ آرڊر جاري ڪري چڪو آهي جن مان ڪجهه مثال هن ريت آهن،10 جنوري 2012ع تي آرڊر نمبر اي سي،ٽي ڊبليو ڊي،اين ايف،77 موجب ،محمد مٺل ولد علي اڪبر سي اين آءِ سي نمبر 1 _0250992_ 45302،10 جنوري 2012ع تي آرڊر نمبر اي سي،ٽي ڊبليو ڊي،اين ايف،76 موجب محمد شريف ولد غلام رسول سي اين آءِ سي نمبر 9_6774880_45302، 16 جنوري 2012ع تي آرڊر نمبر اي سي،ٽي ڊبليو ڊي،اين ايف،130 موجب ڪاشف محبوب ولد محمد سليم سي اين آءِ سي نمبر 3_5782564_45304، 13 جنوري 2012ع تي آرڊر نمبر اي سي،ٽي ڊبليو ڊي،اين ايف،93 موجب ثمر علي ولد محمد سليمان سي اين آءِ سي نمبر 3_0372414_45305 شامل آهن.