ناريجا ۽ ڪلهوڙا خوني تڪرار سبب ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز
پير جو ڳوٺ (رپورٽر) ڪنگري جي ڪچي ۾ ناريجا ۽ ڪلهوڙا خوني تڪرار سبب ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز، ڌريون مورچابند، پوليس پڪٽون قائم، پوليس جو گشت، رپورٽ موجب، ڪنگري جي ڪچي ٻنڊي ۽ ڪيٽي ممتاز ڀٽو واري علائقي ۾ ناريجا ۽ ڪلهوڙا برادري ۾ ڌاڙيل ڀنڀور ناريجو جي مارجڻ کانپوءِ ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آهي ۽ ڌرين جا ماڻهو مورچابند ٿي ويا آهن ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب، ڌرين ۾ امڪاني رتوڇاڻ کي منهن ڏيڻ لاءِ برادرين جا ڪيترائي ماڻهو لڏ پلاڻ ڪري مختلف شهرن ڏانهن هليا ويا آهن جڏهن ته ايس ايس پي خيرپور عرفان بلوچ امڪاني رتوڇاڻ کي روڪڻ لاءِ عبدالرحمان انڙ، ٻنڊي ڪلهوڙو وارن علائقن ۾ پوليس پڪٽون قائم ڪري اهلڪار مقرر ڪري ڇڏيا آهن جڏهن ته ڪچي جي پوليس ۽ اسپيشل فورس جي اهلڪارن کي الرٽ رهڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي ۽ رات جي وقت ۾ جھيڙيندڙ علائقن ۾ گشت تيز ڪرڻ جون پڻ هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. ٻئي طرف جهيڙي کي روڪڻ لاءِ ڪنهن به چونڊيل نمائندي توڙي ڪاموري ڪي به ڪوششون نه ورتيون آهن.