ڪراچي

مھاڻن جي وسندي تي پوليس جي ڪاھ، گھر گھر تلاش، انصاف جي اپيل

Karachi Muhanaملير (رپورٽ سامي ميمڻ) ماڙيپور ۾ سحري دوران مهاڻن جي وسندي ڪڪا وليج تي پوليس ۽ ٻين سيڪيورٽي ايجنسين جي اهلڪارن جي چڙهائي، ڳوٺ کي گهيري ۾ آڻي گهر گهر تلاشي، عورتون قرآن شريف کڻي پوليس کي گهرن ۾ داخل ٿيڻ کان روڪينديون رهيون، هڪ مهاڻو گرفتار، ڪڪا وليج جي رهواسين جو احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو، بلاجواز ڳوٺ تي چڙهائي ڪئي وئي، غريب مهاڻن کي گذريل ٻن سالن کان انتظاميا ۽ مقامي وڏيرن يرغمال بڻائي رکيو آهي، حڪومت ڪا به مدد نٿي ڪري، گرفتار مهاڻي کي آزاد نه ڪيو ويو ته سي ايم هائوس جو گهيراءُ ڪنداسين (ڪڪا وليج جا رهواسي): تفصيل موجب ماڙيپور ٿاڻي جي حد ۾ سمنڊ ڪناري مهاڻن جي قديم وسندي ڪڪا وليج تي ايس ايڇ او ماڙيپور جي اڳواڻي ۾ پوليس، ايف سي ۽ سي آءِ اي جي اهلڪارن وڏي تعداد ۾ گڏيل ڪارروائي ڪندي گذريل رات سحري دوران ڳوٺ کي مڪمل گهيري ۾ آڻي گهر گهر تلاشي ورتي. سحري ۾ مصروف عورتن گهرن ۾ زوريءَ داخل ٿيندڙ اهلڪارن کي قرآن شريف کڻي واسطو ڏنو ۽ گهرن ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو، جنهن تي پوليس عورتن سان بدتميزي ڪئي ۽ کين ڌڪا ڏنا ۽ گهرن ۾ داخل ٿي ويا. ٻه ڪلاڪ ڪارروائي بعد پوليس جي ناڪامي تي هڪ مهاڻي اعجاز احمد ولد حاجي صديق کي گرفتار ڪيو ويو. اهڙي اطلاع تي مقامي صحافين ڪڪا وليج پهچي پوليس اهلڪارن جي چڙهائي متعلق ڳوٺاڻن کي معلومات حاصل ڪئي. ان موقعي تي ڪڪا وليج جي عورتن وڏي تعداد ۾ پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي ڌرڻو هنيو ۽ چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪندڙ پوليس اهلڪارن خلاف سخت نعريبازي ڪئي. مظاهرين جي اڳواڻي ڪندڙ گل بانو، نجمه، صغريٰ، عابده، جميلا ۽ فاطمه ٻڌايو ته گذريل رات پوليس اهلڪار ۽ ڳاڙهيون ٽوپيون پاتل ٻين اهلڪارن جن جو تعداد هڪ سئو کان وڌيڪ هو گهرن جو ڀتيون ٽپي اندر داخل ٿي ويا ۽ اسان جي مردن کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هو ماهيگيري تي ويل هئا، پوليس جي اهڙي بربريت کي روڪڻ لاءِ ڳوٺ جي عورتن پوليس کي منٿ ميڙ ڪئي ۽ قرآن شريف جا واسطا ڏنا، پر پوليس عورتن کي ڌڪا ۽ گاريون ڏئي سندن بي حرمتي ڪئي. ان موقعي تي هڪ ماهيگير اعجاز احمد جيڪو ستو پيو هو کي تشدد جو نشانو بڻائي پاڻ سان گڏ وٺي ويا. ٻئي طرب علائقي جي معزز حاجي صديق صحافين کي ٻڌايو ته پوليس سندن گهرن ۾ زوريءَ داخل ٿي ته هو لٺ هٿ ۾ کني دروازي تي پهتو، جتي پوليس کيس گاريون ڏنيون ۽ چيو ته تنهنجو پٽ اعجاز احمد فوري طور پيش ڪر. هن ٻڌايو ته ٻن سالن کان علائقي جي وڏيرا ۽ سندن نوڪر بڻيل پوليس سندن جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي ۽ سڄو علائقو ظلم جو نشانو بڻيل آهي. هوڏانهن پوليس ڪارروائي جي نتيجي ۾ گم ڪيل اعجاز احمد جي معلومات لاءِ جڏهن صحافين ۽ ڳوٺاڻن ماڙيپور ٿاڻي جي ايس ايڇ او شفيق تنولي سان رابطو ڪيو ته اتي موجود ايس ايڇ او کانئن ملاقات ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ اتي موود اي ايس آءِ شاهنواز ۽ ٻين پوليس اهلڪارن چيو ته ڳوٺ تي چڙهائي مختلف ايجنسين جي اهلڪارن ڪئي آهي، جنهن ۾ ماڙيپور پوليس شامل نه هئي. هنن گرفتار ڪيل اعجاز احمد جي گرفتاري کان لاتعلقي ظاهر ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button