شهدادڪوٽ

مڙس ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي زال کي قتل ڪري ڇڏيو

QAMBER SHAHDADKOTشهدادڪوٽ ويجهو مڙس ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي زال کي قتل ڪري ڇڏيو آهي، سجاول جوڻيجو ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ ڀائي خان مستوئي ۾ جوابدار مڙس حسين بخش مگسي ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي 20 ورهين جي نوجوان زال مومل خاتون ڌي الله ڏني مگسي کي ڪهاڙين جا وار ڪري بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو آهي، هوڏانهن حد جي ٿاڻي جي پوليس واقعي جي اطلاع تي واقعي واري هنڌ پهچي مقتولا عورت جو لاش کڻائي شهدادڪوٽ اسپتال آندو جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو ، ٻڌايو وڃي ٿو ته سندن ٻه مهينا اڳ شادي ٿي هئي ۽ واقعي بعد جوابدار ٿاڻي تي پهچي ڪهاڙي سميت گرفتاري پيش ڪري ڇڏي آهي ، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button