ڪراچي

مڇي مارڻ جي بندش واري مهيني مڪمل ٿيڻ کان اڳ ئي سيٺين هوڙن کي تڙن تي لاهي ورتو

arabian sea backwaters fort cochin fishing netsملير (سامي ميمڻ) مڇي مارڻ جي بندش واري مهيني مڪمل ٿيڻ کان اڳ ئي سيٺين هوڙن کي تڙن تي لاهي ورتو، راشن، برف ۽ خلاصين جي ڀرتي شروع، ڳري رشوت عيوض ڪسٽم کان پرمنٽ حاصل ڪرڻ جون ڪوششون تيز، بندش واري قانون تي عمل ڪندڙ مقامي مهاڻن جو ڀڃڪڙيءَ خلاف سمنڊ ڪناري مظاهرو، جولاءِ ۾ بندش لاڳو ڪرڻ واري فيصلي ۾ موجود هئاسين، پهرين آگسٽ کان اڳ مڇي مارڻ ڏوهه آهي، حڪومت قدم کڻي (مجيد موٽاڻي): تفصيل موجب سنڌ حڪومت طرفان جولاءِ واري هلندڙ مهيني ۾ سمنڊ مان جهينگو ۽ مڇي مارڻ واري بندش ختم ٿيڻ کان اڳ ئي سامونڊي پٽيءَ جي طاقتور سيٺين پنهنجا هوڙا هاڪاري تڙن تي لاهي ورتا آهن. هوڙن ۾ راشن، برف ۽ خلاصين جي ڀرتي شروع ڪئي وئي آهي، سمنڊ ڪناري اهڙين سرگرمين کانپوءِ ڪالهه مڇيءَ واري بندش تي عمل ڪندڙ مهاڻن وڏي تعداد ۾ بندش جي ڀڃڪڙي ڪندڙ سيٺين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي نعريبازي. ان موقعي تي پاڪستان فشر فوڪ فورم ڪراچيءَ جي صدر مجيد موٽاڻي ٻڌايو ته جولاءِ کان اڳ سنڌ حڪومت طرفان مڇيءَ تي بندش لاڳو ڪرڻ واري فيصلي ۾ ٻين مهاڻين تنظيمن ۽ هوڙي مالڪن کان علاوه پاڪستان فشر فوڪ فورم طرفان مون شرڪت ڪئي هئي، جنهن ۾ اهو طئي ڪيو ويو هو ته جولاءِ جهينگي ۽ مڇي جي شڪار تي سختي سان عمل ڪيو ويندو، جڏهن ته پهرين آگسٽ کان هوڙا شڪار تي روانا ٿيندا، پر ميٽنگ ۾ ويٺل ۽ ٻاهر موجود طاقتور سيٺين ڪسٽم عملدارن کي ڳري رشوت ڏئي پرمنٽ حاصل ڪري ورتو آهي ۽ تڙن تي هوڙا بيهاري سمنڊ ۾ مڇي مارڻ جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، جيڪو عمل بندش واري قانون تي پابند رهندڙ مهاڻن لاءِ بيروزگاريءَ جو سبب بڻجندو. هوڏانهن مظاهري ۾ شريڪ مهاڻن جو چوڻ هو ته جڏهن وقت کان اڳ ۾ هوڙا سمنڊ ۾ مڇي مارڻ لاءِ روانا ٿيندا ته پوءِ ننڍا مهاڻا پهرين آگسٽ کانپوءِ وڃي ڪهڙو شڪار ڪندا. هنن چيو ته سڄو مهينو بندش واري قانون تي عمل ڪندي هنن بک ۽ بدحالي کي منهن ڏنو آهي، پر هاڻ جڏهن هو پهرين آگسٽ ويجهو ايندي مڇي مارڻ لاءِ تياريون ڪري رهيا آهن تڏهن وقت کان اڳ ۾ سيٺين جا هوڙا مڇي مارڻ لاءِ روانا ٿي رهيا آهن، اهڙي حالت ۾ وڏا ڄار ۽ گهڻا هوڙا موجود مڇيءَ کي ٻوهارو ڏئي مڇي مارڻ جا ماڳ ئي صاف ڪري ڇڏيندا. هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته قانون تي عمل نه ڪندڙ سيٺين ۽ ڪسٽم آفيسرن خلاف سخت قدم کڻي سمورن مهاڻن ۽ هوڙن کي پهرين آگسٽ کان اڳ سمنڊ ڏانهن روانو ٿيڻ کان روڪيو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button