موئن جي دڙي جي الهڏنو ميربحر جون ساروڻيون
ملاقات: ايوب شان خاصخيلي
سنڌ جي لٽل ماسڪو ٻلهڙجي لڳ ڳوٺ امام بخش جي مياڻ، جيڪا موئن جي دڙي ڀرسان آهي، اتي هڪ تمام جهوني ميربحر الهڏنو ولد محمد سومر سان ٿيل گفتگو ملاقات پيش ڪجي ٿي.
شان: ڀائو اهو ٻڌايو ته ماضي ۾ روزگار جي ڪهڙي صورتحال هئي؟
الهڏنو: ادا! ڪهڙيون ٿا پراڻيون ڳالهيون پڇو، انهيءَ وقت سڄو درياءَ مڇي سان ڀريل هوندو هو ۽ هڪڙي ئي ڄار ۾ ايتري ته مڇي ڦاسندي هئي جو واپاري کڻي نه سگهندا هئا ۽ پوءِ اَن اٽي تي مڇي ڏئي ڇڏيندا هئاسين.
شان: مڇي جو واپاري مقامي ماڻهو هو يا ٻاهران جا ماڻهو اهو ڪاروبار ڪندا هئا؟
الهڏنو: واپاري گهڻو ڪري شهرن کان ايندا هئا ۽ هڪ اڌ مقامي ماڻهو به سندن مددگار هئا، مڇي جي خريداري بعد گهوڙن ۽ گڏهن تي کڻائي ويندا هئا.
شان: ملاحن/ ميربحرن جي زندگي ڪيئن گذرندي هئي؟
الهڏنو: اڄڪلهه جيان وٺ وٺان ۽ هڻ هڻان نه هئي، ڏاڍو سڪون هو، وقت جي نسبت سان هر شيءِ موجود هئي، سستائي جو زمانو هو، وڏي ۾ وڏو پلو به هڪ پائي ۾ وڪامندو هو.
شان: پلو مڇي اڳ به شوق سان واپرائي ويندي هئي ڇا؟
الهڏنو: سبحان الله، جنهن گهر ۾ پلي جو ساڳ يا ترڻ ٿيندو ته پوءِ پاڙي ۾ خوشبو محسوس پئي ٿيندي ۽ پوءِ سڀڪو وڏي چاهه سان پلو کائيندو هو.
شان: ڀلا هاڻي درياءَ بادشاهه ۾ پلو لڀي ٿو؟
الهڏنو: ابا ڪهڙوين ٿا ڳالهيون پڇو، اسان سان ته ظلم ٿي ويو، هي پليون، در، بيراج ۽ ڊيم ٺاهي حڪومت ڄڻ ملاحن کي جيئري ماري ڇڏيو، ڪوٽڙي جي درن جي ڪري پلو مٿي ڪيئن چڙهندو.
شان: ملاحن جو مڇي، هوڙي، رڇ کانسواءِ به ڪردار هو؟
الهڏنو: ملاحن کانسواءِ ته جهان ڪيئن هلندو، اڳ به هر طوفان مصيبت ۾ ملاح ڪم ايندو، ڪٿي ڪا ٻوڏ ٿي، مال، ماڻهو يا شيون لڙهي ويون ته حڪومتي نمائندا اچي منٿ ڪندا ته هلو ٻيڙيون کڻي هلي ماڻهن کي مشڪل مان ڪڍو.
شان: ڀلا اوهان ته اڳ ٻيڙين ۾ رهندا هئا سو پنهنجي پراڻي ثقافت ڇڏي هتي موئن جي دڙي ڀرسان ڇو اچي ويٺا آهيو؟
الهڏنو: ڀاءُ ڌاڙيلن جو آزار وڌي ويو، هنن اسان جا مرد ماڻهو مارڻ شروع ڪيا، پوءِ عورتون ڇا ڪن! نيٺ اچي خشڪي جو پاسو ورتو.
شان: ڌاڙيلن سان جهيڙو ڇو ٿيندو هو؟
الهڏنو: ناجائزي ڪندا هئا، چوندا هئا ته درياءَ جي هن پار کڻي هلو، مڇي اسان کي ڏيو، پوءِ پوليس به اسان کي ڌاڙيلن جو ساٿاري ڪري ماريندي هئي ۽ نيٺ ڪڪ ٿي ڀڳاسين.
شان: ملاح ڪهڙي راندين ۾ دلچسپي رکندا هئا ۽ شادين ۾ ڪهڙا راڳ رنگ ٿيندا هئا؟
الهڏنو: ٻلهاڙو، ونجهه وٽي ۽ ملاکڙو، ميربحرن جون پسنديده رانديون هيون، جيڪي فارغ وقت ۾ ڪندا هئا، باقي شاديون ۽ رشتا گهڻو ڪري پنهنجي ذات براري ۾ ڏيندا وٺندا. ڳوٺ جي چڱي مڙس جي شادين ۾ وڏا وڏا ڳائڻا به ايندا هئا، مون به ڪيترائي ڀيرائي بيگم فقيرياڻي کي ٻڌو.
شان: اوهان جي هن وقت ڪيتري عمر آهي، گهڻو اولاد اٿو؟
الهڏنو: مان اندازن 90 سالن جو ٿيندا، ٻه پٽ ۽ چار نياڻيون آهن.
شان: خاص دوستن ۾ ڪهڙا نالا کڻندئو؟
الهڏنو: موسيٰ ملاح، ابراهيم ملاح، عرس ملاح، ڇٽل ملاح، مجنون ملاح، روشن ملاح ۽ محمد علي ملاح منهنجي کيسي جا پڳ مٽ يار هئا.
شان: اوهان جي نظر ۾ ميربحرن جي مسئلن جو حل ڇا آهي؟
الهڏنو: مان ته اهو چوندس ته ڪوٽڙي جا دروازا کوليو ته پلو مٿي اچي ۽ روزگار جام ٿئي، ملاح به مڇي مارڻ جا ماحول دوست طريقا استعمال ڪن، سنهي ٻچي کي بچايو. انهيءَ کانسواءِ سرڪاري ادارن جهڙوڪ نيوي، ڪوسٽ گارڊ ۽ ٻين ادارن ۾ ميربحرن لاءِ به ڪوٽا رکي وڃي.
شان: ملاحن جي قومي تنظيم پاڪستان فشر فوڪ فورم مان اوهان جون ڪهڙيون اميدون واڳيل آهن؟
الهڏنو: سائين محمد علي شاهه ۽ سندس ساٿين کي شاباس آهي جو هو اسان ملاحن لاءِ وڏي جاکوڙ پيا ڪن، پر اسان کي به گهرجي ته سندس ساٿ ڏيون، ٻڌي ۽ ايڪتا ۾ وڏي طاقت آهي، اميد ته اسان انهيءَ جي جدوجهد سان پار پونداسين ۽ وري سنڌو درياءَ جون موج مستيون ۽ پلو مڇي ۽ سانن جو شڪار ڪنداسين.