مختصر خبرون

منشيات جو خاتمو اولين ترجيح آهي: مڪيش ڪمار چاولا

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن واري صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا چيو آهي ته موجوده حڪومت شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو خواب پورو ڪندي ملڪ مان منشيات جو خاتمو چاهي ٿي. ڇو ته منشيات هڪ زهر آهي، جيڪو نوجوان نسل کي تباهه ڪري ٿو. منشيات جو خاتمو حڪومت جي اولين ترجيح آهي. صحت مند نسل ئي صحت مند قوم جي ضامن آهي. اها ڳالهه اڄ هن سپرهاءِ وي تي وڏي تعداد ۾ پڪڙيل منشيات کي ساڙڻ واري موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي. ان موقعي تي 33 ڇاپن ۾ هٿ ڪيل 3040 ڪلوگرام کان وڌيڪ چرس، 22 ڪلو گرام کان وڌيڪ هيروئن، 400 گرام آفيم، غيرملڪي شراب جون 40 بوتلون، 5 ڪلوگرام ڀنگ ۽ ٻي منشيات کي ساڙيو ويو. هن چيو ته گذريل چار سالن ۾ منشيات خلاف 303 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جن ۾ 329 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ڇاپن ۾ 227 ڪلوگرام کان وڌيڪ هيروئن 8965 ڪلوگرام کان وڌيڪ چرس، 4550 ڪلوگرام کان وڌيڪ آفيم، 2573 ڪلوگرام کان وڌيڪ ڀنگ، هزارن جي تعداد ۾ شراب جون بوتلون ۽ 43 گاڏيون ضبط ڪيون ويون. هن چيو ته منشيات جي خاتمي تائين اسان جو مشن جاري رهندو. گذريل سال 23 ارب رپين جو ٽارگٽ هو، پر ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي 25 ارب رپين جو روينيو حاصل ڪيو. 800 اسٽاف ميمبرن کي ترقي ڏني وئي، جڏهن ته 1200 نوڪريون اهليت جي بنياد تي ڏنيون ويون. هن چيو ته ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتو صوبي جو 70 سيڪڙو روينيو جمع ڪري ٿو، جيڪو هڪ رڪارڊ آهي. ان موقعي تي صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پي پي پي حڪومت منشيات کان پاڪ پاڪستان چاهي ٿي. حڪومت ماضي جو گند صاف ڪري رهي آهي. ايڪسائيز کاتو تعريف جي لائق آهي جو کاتو معاشري کي منشيات کان پاڪ ڪري رهيو آهي. هن چيو ته منشيات نوجوانن کي تعليم کان پري ڪري ٿي ۽ ڏوهن طرف راغب ڪري ٿي. منشيات جو خاتمو ڪرڻ هر شخص جو فرض آهي. ان موقعي تي صوبائي اسيمبلي جي ميمبر نصرالله بلوچ، سيڪريٽري ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن منظور احمد ميمڻ ۽ ڊائريڪٽر جنرل شعيب احمد صديقي به خطاب ڪيو. تقريب ۾ اقليتي معاملن وارو وزير ڊاڪٽر موهن لال ڪوهستاني ۽ اسيمبلي ميمبر امداد پتافي به موجود هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button