مغوي جي بازيابي لاء شهدادڪوٽ ۽ قبوسعيد خان ۾ شٽر بند هڙتال
شهدادڪوٽ ۾ مظلوم جدوجھد ڪاميٽي ۽ بروهي برادري پاران نوجوان مغوي نظير بروهي جي بازيابي لاء شهدادڪوٽ ۽ قبوسعيد خان ۾ شٽر بند هڙتال ۽ سجاول جوڻيجو ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ، هڙتال سبب شهر جا ننڍا،وڏا ڪاروباري مرڪز شاهي بازار ، ريشم گھٽي ، جمع کرل چوڪ ، ڪوٽوموٽوچوڪ ۽ ٻيا علائقا مڪمل طرح بند رهيا ، مظلوم جدوجھد ڪاميٽي ۽ شهر جي مختلف سياسي ، سماجي تنظيمن ۽ بروهي اتحاد پاران هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي ڪاميٽي جي چيئرمين مير مظفر بروهي ، سردار بروهي ، محمد خان جتڪ ، چيف اڪبر بروهي ، مهراج راجيندر ڪمار ، حبدارميرجت ، منصور جروار ، محبوب گل (سُهڻي) لوڌي ، ۽ ٻين جي اڳواڻي لکپت روڊ تي قائم ڪئمپ تان احتجاجي ريلي ڪڍي شهر جي مختلف رستن کان ٿيندي ڪوٽوموٽوچوڪ تي پهچي نٽهڻ اُس ۾ ڌرڻو هنيو ، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته چونڊيل نمائندا ۽ پوليس 33 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود مغوي سوناري نظير بروهي کي بازياب ناهي ڪرائي سگهيا ۽ نه ئي سنجيده آهن ، جنهن جي ڪري مغوي جي گھر ۾ ڪهرام متل آهي ، هنن اعلى عملدارن کان مغوي نظير بروهي کي بازياب ڪرائي گھروارن ۽ بروهي برادري ۾ ڦهليل بي چيني ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيوآهي ، ٻي صورت ۾ سخت احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو چتاء ڏنو آهي.