مستونگ ۾ مارجي ويل شيعه نوجوان جو لاش گهر پهتو
شهدادڪوٽ جي ڪالهه مستونگ ۾ مارجي ويل شيعه نوجوان جو لاش گهر پهتو ، ڪهرام برپا سندس آخري رسمن ۾ وڏي انگ ۾ شهرين شرڪت ڪئي ، شهدادڪوٽ جي بلوچستان جي شهر مستونگ ۾ ٽن موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل (40) ورهين جي شيعه استاد عبدالرشيد ٻٻر جو لاش سندس گھر شهدادڪوٽ پهتو ته ڪهرام مچي ويو ، مرحوم جي جنازي نماز سيد علي اڪبر شاه جي امام بارگاه ۾ ادا ڪئي وئي ، جڏهن ته سندس مڙه کي شهر جي تاريخي تجر قبرستان ۾ سوين آلين اکين سان مٽي ماء حوالي ڪيو ويو ، ٻڌايو پيو وڃي ته مقتول جو شيعه مذهب سان لاڳاپو هيو ۽ ڪافي عرصي کان بلوچستان جي شهر مستونگ ۾ ٽيچر طور پنهنجا فرض نڀائي رهيو هو ، واقعي بابت معلوم ٿيو آهي ته ڪالهه صبح جو ٻن استادن سان گڏ جي موٽر سائيڪل تي اسڪول وڃي رهيو هو ته کين هٿياربندن هٿيار جي زور تي روڪي کيس گولين جي بک بڻايو ، ٻئي پاسي شيعه علماء ڪائونسل جي صوبائي اڳواڻ علامه رياض حسين الحسيني مقتول جي وارثن سان عذر خواهي بعد ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته تمام افسوسناڪ واقعو آهي ، جنهن جي جيتري مذمت ڪجي گھٽ آهي ، سندس چوڻ ته ملڪ ۾ ڪٿي به شيعه سني جو ڪوبه جھيڙو ڪونهي ، هڪ مخصوص گروه پنهنجي آقائن جي اشاري تي بيگناه ماڻهن جو خون وهائي رهيو آهي ، علامه رياض حسين الحسيني چيو ته سنڌين ۽ بلوچن ۾ ويڇا وڌائڻ لاء ڪجھ شرپسند بلوچستان اندر اهڙا واقعا ڪن ٿا ،هن چيو ته ملڪ اندر قانون ۽ انصاف نالي ڪا به شئي نظر نه ٿي اچي بيگناه ماڻهن کي گاڏين مان لاهي سِرعام ماريو وڃي ٿو ، دهشتگرد ايترا ته طاقتور آهن جو حڪومت به انهن آڏو گوڏا کوڙي ڇڏيا آهن ۽ انهن کي جيئن وڻي تيئن ڪندا وتن ٿا