مختصر خبرون

مختيارڪارعام شين جي اگهن ۾ واڌنوٽيس وٺي ڇڏيو

ڪنڊيارو جي مختيارڪار پيراڻو خان ڪيريو پاران رمضان شريف جي مقدس مهيني دوران کاڌي پيتي ۽ واهپي جي عام شين جي اگهن ۾ واڌ وارين شڪايتن جو نوٽيس وٺندي درٻيلو شهر ۽ لاڙڪ شاخ تي 11 مختلف دوڪاندارن تي ڇاپا هڻي کين ڳرا اگهه وٺڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪري ورتو ۽ مٿن 2700 رپيا ڏنڊ پڻ لڳايو جيڪو انهن پاران بروقت ادا ڪرڻ بعد کين آزاد ڪيو ويو. جڏهن ته ان کان علاوه سنڌ حڪومت جي منع نامي باوجود غيرقانوني طور تي سارين جو ٻيڇارو وغيره پوکيندڙن کي پڻ خبردار ڪيو ويو ته جيڪڏهن اهي پنهنجي حرڪتن کان باز نه آيا ته سندن ٻيجارن وغيره کي باهه ڏئي ساڙيو ويندو. واضع رهي ته سندس پاران گذريل ڏينهن مرزانپور واري علائقي ۾ پنجاهه ايڪڙن تي پوکيل ٻيجاري کي پڻ باهه ڏئي ساڙيو ويو هو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button