آرٽيڪل

ماهيگير عورتن جا حق

احوال: ايوب شان خاصخيلي
PFF Convocationعورتن جي حقن جي جدوجهد مقامي، ملڪي ۽ عالمي تحريڪن ۾ هڪ اهم مقام ۽ حيثيت ماڻي چڪي آهي، جنهن ۾ 8 مارچ 1907ع تي نيو يارڪ ۾ لباس سازي جي صنعت سان تعلق رکندڙ پنهنجي حق ۽ بهتر حالتن لاءِ مظاهرا، ڌرڻا ۽ مارچ ڪيا. انهيءَ کانپوءِ 8 مارچ 1908ع تي به وري ساڳي شهر ۾ سوئي سازي فيڪٽرين جي عورتن پنهنجي حقن، ووٽ جي حق ۽ ٻارن جي جبري مشقت لاءِ ڪوششون ورتيون. 8 مارچ عورتن جي جدوجهد جي علامت طور ملهايو ويندو آهي، جنهن ۾ سڄي دنيا اظهار يڪجهتي طور پوري دنيا ۾ هر سال مختلف تقريبون ٿينديون آهن ۽ هاڻي عورتون به بهتر سماجي زندگي ۽ مردن جي معاشري ۾ ٿيندڙ ظلمن، ناانصافين، صبر ۽ استحصال لاءِ متحد ٿي حق جو نعرو هنيو آهي. ساڳي طرح درياءَ، سمنڊ ۽ ڍنڍن سان واسطو رکندڙ ماهيگير ڪميونٽي به تنظيمي پليٽ فارم تي گڏ ٿي روزگار جي آزادي لاءِ گذريل 15 سالن کان جدوجهد جي عمل ۾ آهن.
ماهيگير عورتون به ڪميونٽي جي اهم حصي طور پنهنجي سماجي ۽ معاشي حيثيت کي مڃائڻ لاءِ سرگرم عمل آهي. ماهيگير عورت جيڪا ڪنهن زماني ۾ مڇي جي شڪار ۽ ڪنهن قدر واپار ۾ اهم فرد جي حيثيت رکندي هئي، اها اڄ پس منظر ۾ وڃي گهر ڀيڙي ٿي آهي، پر وقت جي نزاڪت کي محسوس ڪندي هاڻي ماهيگير عورت وري به مضبوط پليٽ فارم ۽ ٻڌي ڏي وک وڌائي رهي آهي ۽ هن واقعي به حقن جي بحالي لاءِ سندرو ٻڌي پنهنجي هزارين ساٿين سان بيٺل آهي. انهيءَ حوالي سان گذريل ڏينهن المنظر ڄامشورو تي پاڪستان فشر فوڪ فورم پاران عورتن جو هڪ تمام وڏو ميڙاڪو ٿيو، جنهن ۾ ڪراچي، ٺٽو، بدين، عمرڪوٽ، سانگهڙ ۽ ڄامشورو جي عورتن تمام وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. سنڌو درياءَ جي ڪناري هڪ جهڙالي موسم ۾ هي تاريخي يادگار ڪنوينشن اسان جي دلين تي اڻ مٽ يادون ڇڏيون آهن.
ماهيگير عورت ڪنوينشن منجهند 3 وڳي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي بيتن سان شروع ٿيو، جنهن لاءِ انائونسمينٽ جا فرائض مقصوده سولنگي انجام ڏنا. انهيءَ موقعي تي خاص مهمان سينيئر وائيس چيئرپرسن طاهره علي شاهه عورتن جي ميڙ کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان فشر فوڪ فورم هاڻي ماهيگيرن جو هڪ مضبوط آواز ٿي چڪي آهي، جيڪي ماڻهو ماهيگيرن کي پنهنجو غلام يا ٻانهون سمجهندا هئا، هاڻي ياد رکڻ کپي ته اهو وقت گذري ويو ۽ هاڻي ماهيگير مرد يا عورت ڪا به ناجائزي ۽ ڏاڍ برداشت نه ڪندا. هن چيو ته سنڌ سونهاري جي سينڌ سنوارڻ لاءِ عورتن کي به مردن سان گڏجي ٻوٽو ٻارڻو آهي ۽ اسان جي عظيم ۽ انقلابي بزرگن ۽ اوليائن شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، قلندر شهباز، مسڪين جهان خان، روپلو ڪولهي، حيدر بخش جتوئي، ڪنور ڀڳت رام، جي ايم سيد، سوڀو گيانچنداڻي ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جهرن املهه انسانن جي ڌرتي تي وجود ۽ هتي رهندڙ سنڌين جي بقا لاءِ وڙهندا رهنداسين.
غلام مصطفيٰ ميراڻي (وائيس چيئرمين) چيو ته سنڌ جي ملاحن هڪ تاريخ لکي آهي، انهن ظالمن کي جهڪائي پنهنجو ڪنڌ فخر سان اوچو ڪيو آهي. عورت جدوجهد جو حصو آهي، پر هاڻي اسان کي پنهنجي ڇوڪرين کي تعليم جي زيور سان سينگارڻو آهي. اسان ٺيڪيداري نظام جي خاتمي کانپوءِ دريائن جي آزادي ۽ روزگار تي اوهان جي مالڪي جو مطالبو ٿا ڪريون.
ان موقعي تي مصطفيٰ گرگيز خطاب ڪندي چيو ته دنيا جي تاريخ گواهه آهي ته تبديلي ۽ انقلاب محنت، جدوجهد، ٻڌي ۽ تنظيم سازي ذريعي برپا ٿيا آهن. پاڪستان فشر فوڪ فورم به مسلسل جدوجهد ۽ ڪوشش ۾ ايمان رکي ٿي، ان ڪري هن تنظيم ڪيتريون ئي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان فشر فوڪ فورم جي جنگ اسان جي وجود جي بقا ۽ روزگار جي پائيداري لاءِ آهي، اها ويڙهه کٽڻ بنا آرام نه ڪنداسين.
ريشمان ملاح چيو ته اسان جي ملاح عورت هاڻي سجاڳ ٿي چڪي آهي، هن کي خبر آهي ته پنهنجا حق صرف ۽ صرف جدوجهد ذريعي حاصل ڪري سگهبا، سو اسان ايندڙ نسل جي روزگار لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو ڏيڻ لاءِ بلڪل تيار آهيون.
فاطمه مجيد موٽاڻي چيو ته ماهيگير عورت باهمٿ آهي، هن بدين ۾ رينجرز سان مقابلو ڪيو ۽ اڄ بدين جو ملاح آزادي سان روزگار ڪري ٿو. سڄي سنڌ ۾ ڍنڍن، تلائن ۽ درياءَ تي قبضا خوري عروج تي آهي، پر اسان انهيءَ بااثر وڏيرن کي به پاڻين تان تڙي ڪڍنداسين.
شير بانو چيو ته پاڪستان فشر فوڪ فورم جي ايڪي ۽ ٻڌي کي ڏسي تمام گهڻيون عورتون به تنظيم سازي جو حصو ٿي رهيون آهن، مان اڄ هتي حڪومت کان مطالبو ٿي ڪريان ته ماهيگير عورتن لاءِ بهتر روزگار جو متبادل بندوبست ڪيو وڃي.
قرت العين مرزا چيو ته عورت صرف ٿورو غور ڪري ته هن جي معاشري ۾ وڏي حيثيت ٺهي سگهي ٿي، هاڻي عورت کي پنهنجي پيرن تي بيهڻ لاءِ وڌيڪ سجاڳ ٿيڻو پوندو.
مڪل شاهه چيو ته عورت جي بهادري جا مثال جنت ملاح، ڄامان ملاح، ڀاڳي ملاح اسان جي سامهون آهن. هنن به پاڪستان فشر فوڪ فورم ۾ مردن سان گڏ جدوجهد جا مثال قائم ڪيا آهن، هن سماج ۾ عورت جي ڪم کي نٿو وساري سگهجي ۽ هاڻي سڀني کي ننڍو ننڍو رول ادا ڪرڻو پوندو.
جنت ملاح چيو ته پاڪستان فشر فوڪ فورم اسان کي ڳالهائڻ سيکاريو آهي، اسان پنهنجا مسئلا کڻي سرڪار وٽ ويندا آهيون ۽ مسئلن تي ادارن وٽ ڳالهايون ٿا، حڪومت کي خبرداري ڪرڻي پوندي ته هاڻي ماهيگير عورت به پنهنجي ڀائرن سان گڏ ۽ روزگار جي جدوجهد ۾ شانه بشانه آهي.
انهيءَ کان پهرين اسڪولي ننڍن ٻارڙن ڀليڪار جو خوبصورت ٽيبلو پيش ڪيو ۽ سنڌ جي قومي مسئلن تي ٽيبلو ڪيو ويو. پاڪستان فشر فوڪ فورم ٿيٽر ۽ ڪلچرل گروپ پاران سڪندر صنم ڪفواڻي ۽ ساٿين سنڌي قومي گيتن تي ٽيبلوز ۽ روايتي رقص پيش ڪيو. سنڌ يونيورسٽي جي ساگر ڪامراڻي ۽ سمير ڪامراڻي علڻ فقير ۽ محمد علي شيڪي جا ڳايل گيت گٽار جي فن تي پيش ڪيا. جڏهن ته نوجوان فنڪار ديال سيراڻي خوبصورت گيت ڳائي عورتن جي جدوجهد ۽ ڌرتي سان محبت جو اظهار ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button