مختصر خبرون

مان اڄ جنهن مقام تي آهيان اهو پنهنجي محنت سان آهيان : گلوڪاره ممتاز ڪنول

خيرپور(رپورٽ شڪيل احمد جانوري) مان ڪنهنجي جي نالي جو سهارو ناهي ورتو. مان اڄ جنهن مقام تي آهيان اهو پنهنجي محنت سان آهيان سنڌ جي نامياري گلوڪاره ممتاز ڪنول. تفصيل موجب سنڌ جي نامياري گلوڪاره ممتاز ڪنول پريس ڪلب خيرپور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيوته اداڪاره ممتاز ڪنول منهنجي خلاف ڳالهائي رهي آهي ته مان سندس نالو استعمال ڪري شهرت حاصل ڪئي آهي. هن چيوته مونکي حيرت ٿي رهي آهي ته هو اداڪاره آهي ۽ مان گلوڪاره آهيان. مان سمجهان ٿي ته اداڪاره ممتازڪنول وڏي عمر هجڻ جي ڪري پنهنجو ذهني توازن وڃائي ويٺي آهي جو هن کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته گلوڪاره ۽ اداڪاره ۾ فرق هوندو آهي. هن چيوته آءُ اڄ جي گلوڪاره ناهيان بلڪه ننڍپڻ کان سنڌي موسيقي جي خدمت ڪيان پئي ۽ ڪندي رهندس. هن چيوته اهو ورثو مونکي خاندان مان مليل آهي. هن چيوته مان لٺ ڀڃي گلوڪاره ناهيان بڻي جو ممتاز ڪنول جو نالو چورائي شهرت حاصل ڪئي آهي. هن چيوته هو ٽي وي جي ڊرامن جي اداڪاري ڪري ٿي. هن جي پنهنجي سڃاڻپ آهي جڏهن ته آءُ راڳداري ڪندي آهيان. هو اداڪاره آهي مان گلوڪاره آهيان. اها ڳالهه سڄي سنڌ ۽ سنڌ جا ماروئڙا ڄاڻن ٿا. هن جي فيلڊ ۽ منهنجي فيلڊ ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي. مونکي منهنجي گيتن جي حوالي سان سڄي سنڌ مونکي سڃاڻي ٿي. ان کان علاوه هوءِ ڪراچي جي آهي ۽ مان خيرپور ميرس جي آهيان. مان هنجي نالي جو سهارو هرگز ناهي ورتو. هن چيوته اداڪاره ممتازڪنول جي ڏنل بيان مان مونکي دلي تڪليف پهتي آهي. ياد رهي ته سنڌ جي نامياري گلوڪاره ممتاز ڪنول جو هڪ گائڪي خاندان سان تعلق آهي ۽ هن جا مامان استاد فتح علي خان، استاد وحيد علي خان، استاد حميد علي خان، استاد رجب علي خان آهن ۽ سندس ناني وقت جي مشهور هارمونيم تي تبلو وڄائيندڙ ناني وزير ۽ ناني نظير هيون ۽ انهن جا استاد استاد اميد علي خان ۽ استاد غلام رسول هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button