مختصر خبرون
مامي مٿان فائرنگ ڪندڙ جوابدار ڀاڻيجو ڪنگري جي عدالت ۾ پيش
پير جو ڳوٺ (رپورٽر) احمدپور ۾ مامي مٿان فائرنگ ڪندڙ جوابدار ڀاڻيجو ڪنگري جي عدالت ۾ پيش، عدالت کيس جيل موڪلي ڇڏيو، رپورٽ موجب، 2 ڏينهن اڳ احمدپور ۾ هڪ خانگي اسپتال تي ويٺل مامي ذوالفقار پيرزادو مٿان فائرنگ ڪندڙ جوابدار نور محمد پيرزادو کي احمدپور پوليس گرفتار ڪري اڄ ڪنگري جي عدالت ۾ پيش ڪيو جتي عدالت پاران ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت ڄاڻايل جوابدار کي سينٽرل جيل خيرپور موڪلي ڇڏيو آهي.