مختصر خبرون

ليمن جي چوري، پوليس جي ڪاھ

اياز عباسي، ڪنڊيارو
ڪنڊيارو ويجهو ڳوٺ پپري ۾ ليمن چوري جي الزام هيٺ جاسوسي ڪتن وسيلي پيرا کڻندي ڪمالديرو پوليس ۽ ڪليري برادري جي ماڻهن شهزور،روشن ۽ ظهير ڪليري جي اڳواڻيءَ ۾ ڪلهوڙا برادري جي گهرن مٿان چڙهائي ڪرڻ بعد عالم،مختيار ۽ خادم ڪلهوڙو کي ڌاڙيلن جيان اکيون ٻڌي کنڀي کڻي وڃڻ بعد سندن مينهون پڻ ڪاهي ويا آهن،جنهن بعد ڪلهوڙا برادري جي ماڻهن الزام لڳائيندي صحافين کي ٻڌايو آهي ته مٿن لڳل الزام بي بنياد آهن مگر تنهن هوندي به پوليس توڻي ڪليرين ساڻن ناجائزي ڪئي آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button