آرٽيڪل

لياري آپريشن ۽ وتايو فقير

نواب ڪلهوڙو
Lyari Operation Sindh Police Karachiپاڪستان ۾ سمورين سياسي پارٽين جي بنسبت سٺي ساک سان سڏجندڙ پاڪستان پيپلز پارٽي کي اندرين ۽ ٻاهرين سازشن وسيلي هر دور ۾ ٽوڙڻ جون ڪوششون ٿينديون رهيون آهن ۽ اڄ به اڳ کان اڳريون واري انداز ۾ تمام منظم ۽ تيزي واري نموني سان جاري و ساري آهي ۽ الله نه ڪري اهو ڏينهن پري نه آهي جو ڪيترن ئي شهيدن جي رت ۽ جان جي نذراني ڏيڻ باوجود هن ملڪ مان هن پارٽي جو نالو ۽ نشان به مٽجي وڃي. هڪ اهو وقت هئو جڏهن هن پارٽي جي باني،قائد،رهبر و رهنما شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي پنهنجي ئي هڪ ڇاڙتي وسيلي ملڪي تاريخ ۾ قانون ۽ عدالتن کي اورانگهيندي هڪ اهڙو موت ڏنو ويو جنهن ۾ مقتول جي بنان قتل ٿيڻ جي ملڪي اڳواڻ کي شايد ملڪ جو هيرو هجڻ جي ڏوهه ۾ چرچ ڄاڻائي قتل ڪيو ويو ۽ اهو انوکو قتل قيامت تائين انهن سمورن سڌن اڻ سڌن شريڪن، توڻي هن وقت پارٽي ۾ گڏ يا الڳ رهندڙن انهن وحشي درندن جي منهن تي چماٽ بنجي وسندو رهندو ۽ ان آواز جو پڙاڏو مختلف وقتن تي ايندڙ نسل پڻ ٻڌندو رهندو. انهن رت پياڪ آدم خورن جي اڃ ان عظيم سانحي مان به نه اجهامي ۽ کين خطرو هئو ته متان ڪربلا جي شهيدن جيان جمهوريت جو علم ڪو ٻيو غازي نه سنڀالي وٺي،جنهن سبب هنن ان خطري هيٺ ان عظيم شهيد جي پٽ شاهنواز ڀٽو کي به شهيد ڪري دنيا ۾ ٻيهر شهيد ابن شهيد جو ورجاءُ ڪيو پر تڏهن ته سندن نڙي ئي سڪي وئي جڏهن سنڌ ڄائي عظيم هستي مير مرتضا ڀٽو نئين صدي ۾ امام انقلاب جو علم کڻي بغاوت جو اعلان ڪندي ويڙهاڪ جدوجهد جو اعلان ڪيو ۽ هڪ ڏينهن پنهنجي وجود کي تسليم ڪرائيندي انهن ايوانن جي پهرين ڏاڪڻ تي وک رکي جتي سندس شهيد والد جا پيرا موجود هئا ۽ اعلي ايوانن طرف وڃي رهيا هئا،جنهن سبب ملڪ دشمنن کي وري ان خوف اچي ورتو ته متان ٻيهر ان شهيد ڀٽو جو پٽ اتي پهچي جيڪو پنهنجي والد جي دور انديش طبيعت جي ابتڙ انتهائي جذباتي رت هئو ڇوته هن پنهنجن هٿن سان پنهجن هيرن جا لاش ڍويا هئا جنهن سبب اهو متان پيءُ کان وڌيڪ ڏکيو پلئه پئجي وڃي،جنهن سبب انهن اقتداري ڊرامي بازي ڪري ان ئي شهيد ڀٽو جي ڌيءُ جي دور حڪومت ۾ هن عظيم ويڙهاڪ ڪمانڊر کي سر عام ڪراچيءَ جي رستن تي پنهنجي جا نثار ساٿين سميت اهڙي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو جنهن جو اڄ تائين نه صرف مثال ملڻ مشڪل آهي پر اڄ تائين نه ئي صحيح رخ ۾ ڪيس هليو ۽ نه ئي اصل جوابدارن کي سندن ڪيفر ڪردار تي پهچايو ويو بلڪه انهن کي ان گداري عيوض اعزازن سان نوازيو ويو ۽ دنيا جي تاريخ ۾ اهڙي طرح ڪارن ڏينهن جو ورجاءُ ٿيندو رهيو ۽ اهو ڏينهن به نيٺ اچي ويو جنهن جي ڊپ سبب ڀيڻ سدائين ڀاءُ کي ڏيهه اچڻ کان روڪيندي رهي ۽ سندس قتل جي جاچ ۾ ٿڌائي ڪئي مگر تنهن هوندي به انهن رت پياڪ وحشين پنهنجي خوني چنبن سان سنڌ جي هن عظيم راڻيءَ کي پڻ موت جو کاڄ بنايو ۽ تاريخ ٻيهر پنهنجو ورجاءُ ڪري ٿي جو اڄ سندس ور جي حڪومت ۾ به سندس موت جي جاچ به بلڪل ان انداز ۾ هلي رهي جهڙي سندس دور حڪومت ۾ سندس ڀاءُ جي ٿيندي هئي.
تاريخ گواهه آهي ته رڳو سنڌ دشمنن ۽ سنڌ مخلفن کي شڪست ڏيڻ لاءِ سنڌ کي صرف ڪارڊ طور استعمال پيپلز پارٽي کي سنڌ جي ماڻهن سڀ ويڇا،تضاد،پارٽيون ۽ ذات پات وساري نج سنڌي ٿي ووٽ ڪيو ۽ کيس اهو احساس ڏياريو ته اسان اڄ به اوهان سان بي لوث محبت ڪيون ٿا جيڪڏهن اوهان به اسان کي محبت جي بدلي محبت ڏيندوءَ ته دنيا جي ڪا به طاقت اوهان کي شڪست نه ٿي ڏئي سگهي جنهن سبب اهي وحشي قاتل ٻيهر ڇرڪي ويا ۽ هنن هن پارٽي کي ختم ڪرڻ جي ڪا ٻي حڪمت عملي جوڙڻ شروع ڪري ڏني.
اوهان ۽ اسان هڪ ڳالهه کان ته چڱي طرح واقف آهيون ته پ پ ۾ گهڻي وقت اڳ کان ئي اهي ماڻهو بگهڙن وانگر ويس مٽائي داخل ٿي ويا هئا ۽ اعلي عهدنن تائين پڻ پهچي ويا هئا جن جي اندرين ويس مٿان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي رت جا ڇنڊا پڻ لڳل هئا جن وقت سر پارٽي کان غلط فيصلا ڪرائي هن جي پاڙ عوام جي دلين پٽڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي جنهن سبب اهي ڪنهن حد تائين ڪامياب ضرور ٿيا هوندا پر کين مڪمل طور تي نه ملي سگهي آهي تنهن بعد انهن هڪ خطرناڪ رت جي راند سٽڻ شروع ڪئي جيڪا هاڻي چٽي نموني لياري آپريشن جي صورت ۾ وائکي ٿي وئي آهي. هتي مان اها ڳالهه ڪندي بلڪل ڪونه هٻڪندس ته هيءَ ئي اها لياري جنهن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو،شهيد شاهنواز ڀٽو،شهيد مير مرتضا ڀٽو کان شهيد بينظير ڀٽو تائين جا اصل شيدائي،حقيقي جانثار ۽ روحاني جيالا وسندا آهن (جن جي جڳهه تي هاڻي ڪٽي کائيندڙن اهو چوغو پائي سندن رت ڏيڻ واري ڪمائي کائي رهيا آهن)،هڪ وڏو عرصو نه صرف ڪراچي پر سڄي سنڌ ۽ ملڪ کان سواءِ پوري دنيا ۾ شهيدن جي مداحن کي هڪ نئين روپ،رنگ ۽ نموني طور تي پيش ڪيو. هي اهي ئي جانٺا جوان هئا جن شهيدن توڻي پ پ سان ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ ٿيل اڍنگي ورتاءَ جو سڀ کان پهريون سور محسوس ڪندي رستن تي نڪري ايندا هئا ۽ سندن خوشي توڻي غم جو انداز ئي نرالو هوندو هئو، هي اهي عظيم انسان هئا جن هر دور ۾ شهيدن جي حياتي ۾ دهلنن،شرناين ۽ پنهنجي ناچ جي مخصوص انداز ۾ عاليشان استقبال ڪيا، جنهن کان سڄي دنيا واقف هئي،هيءَ اهڙن ارڏن انسان جي وستي آهي جتي مرد توڻي عورتون هڪ جهڙي سچائي ۽ محبت سان پارٽي تي سر قربان ڪرڻ لاءِ تيار رهنديون هيون جنهن کان ڊڄي ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪندڙ توڻي ڪراچيءَ تي حڪومت جا خواب ڏسندڙ پاران انهن ئي وحشي رت پياڪن سان گڏجي ان ئي حڪومت پاران ان ئي وستي کي برباد ڪرڻ جو ڪم ورتو پيو وڃي،جنهن سبب مونکي هڪدم ٻالڪپڻ جي عمر ۾ وتايي فقير پاران وڻ جي ڏار تي ويهي ان ئي ڏار کي وڍڻ وارو سبق ذهن اڳيان تري ٿو اچي. افسوس ته ان ڳالهه جو آهي جو لياري واسين جي زخمن تي پهو رکڻ لاءِ ويندڙ ايڌي کي ته نظربند ڪيو وڃي ٿو پر انهن رت پياڪن پاران امدادي ڪئمپن جي اعلان بعد ايڌي کي به آزاد ڪيو وڃي ٿو ۽ اهڙي طرح اهي رت پياڪ بگهڙ وارا ڳوڙها ڳاڙي پاڻ کي ته لياري واسين وٽ خدمتگذار ۽ امن پسند طور تي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا پر ان ايتري ڳالهه کي به حڪومتي ڌر جا خير خواهه ماڻهو نه ٿا سمجهن ته هاڻي کين ڪراچيءَ کان مڪمل طور تي ٽوڙڻ جي تابوت تي ڪوڪا هنيا پيا وڃن.
ميڊيا سان تعلق رکندڙ سمورن ساڃاهه وندن کي انهن وحشين جا اهي بيانن ٽڪر ۽ هيڊ لائن جي صورت ۾ ته هر هر نظر اچن ٿا ته دهشتگرد ڀلي لياريءَ ۾ هجن يا ناظم آباد ۾ کين هرگز نه بخشيو ويندو پر هفتن جا هفتا لياري ۾ جنگ ڇيڙيندڙ اهي رت پياڪ رڳو ليئو يا جهاتي پائڻ لاءِ به ناظم آباد جو رخ نه ٿا ڪن. هن صورتحال کي ڏسي ڊپ آهي ته اهو ڏينهن پري نه آهي جو ٻاهرين حملن کان محفوظ رهندڙ هيءَ پارٽي اندرين سازشن جي ڊهه نه سهي سگهي ۽ هميشه لاءِ نيست و نابود ٿي وڃي مگر ان هوندي به اسان جي دعا آهي ته
الهه ايئن نه ٿئي……………………………………….ٻيو ڪل خير

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button