مختصر خبرون

لقمان محلي ۾ مارجي ويل ريحانه ميمڻ جي جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ احتجاجي مظاهرو

خيرپور (رپورٽ شڪيل احمد جانوري) چار ڏينهن اڳ لقمان محلي ۾ مارجي ويل ريحانه ميمڻ جي جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ احتجاجي مظاهرو، بي سيڪشن پوليس خلاف سخت نعريبازي تفصيل موجب آچر جي ڏينهن لقمان محلي جي سوين رهواسين لقمان محلي کان پريس ڪلب تائين ريحانه ميمڻ جي جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي ۽ بي سيڪشن پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي. مظاهري جي اڳواڻي ناليوارو اديب شاعر دانشور ليکڪ حبدار جاگيراڻي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو ضلعي خيرپور جو صدر علي شير سهتو، نياز ميتلو، قلندر بخش ميتلو، سلطان سومرو، غلام سرور جمالي، مظفر ميمڻ، خير محمد ميمڻ، حاجي جمالي ۽ ٻيا ڪري رهيا هيا هنن چيو ته جوابدارن بيگناهه ريحانه ميمڻ کي تشدد ڪري بعد ۾ کيس قتل ڪري لاش ۾ رسو وجھي پکي ۾ ٽنگي ڇڏيو هيو هنن چيو ته واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي پر جوابدار اڃان گرفتار نه ٿيا آهن هنن سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کان جاچ ڪرائي انصاف جي گهر ڪئي آهي هنن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ريحانه ميمڻ سان انصاف نه ٿيو ته هو بي سيڪشن پوليس خلاف سخت احتجاجي تحريڪ هلائيندا جنهن جي ذميواري به خيرپور پوليس جي هوندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button