مختصر خبرون

قبضي خورن کان بچايو وڃي، ڳوٺاڻن جو احتجاج

اياز عباسي ،ڪنڊيارو
ڪنڊيارو ويجهو ڳوٺ صالح ڪلو ۾ ملڪيت ۾ حصي جي تڪرار تان ڪلا برادري جي مامي ۽ ڀاڻج وچ ۾ هلندڙ تڪرار سلسلي ۾ ڳوٺاڻي شفيع محمد،علي خان،ظهير ڪلو ۽ ٻين پريس ڪلب ڪنڊيارو پهچي احتجاج ڪندي الزام هنيو آهي ته سندن ڀاڻج علي اڪبر ۽ ان جا ساٿاري محرم،سارنگ،علي حسن ۽ ٻيا هڪ بااثر زميندار جي چرچ تي سندن ڀيڻ کي ورغلائي ملڪيت ۾ حصو وٺڻ بهاني سندن ملڪيت تي قبضو ڪرڻ چاهن ٿا،جنهن لاءِ مذڪوره بااثر زميندار ۽ ڪجهه ڏوهاري قسم جي ماڻهن جي مدد سان سندن اوطاق تي هلان ڪري سندن لوڙهي کي باهه ڏيڻ بعد الٽو ڪيس به اسان خلاف داخل ڪرائڻ جا سانباها ڪري رهيا آهن،هنن اعلي عدالتن،ايس ايس پي نوشهروفيروز،ڊي ايس پي ڪنڊيارو ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته خدارا معاملي جي اڻڌري جاچ ڪري کين مذڪوره قبضي خورن کان بچايو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button