مختصر خبرون

قائد آباد: معمولي ڳالهه تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو

ملير (خاص نمائندو) قائد آباد لڳ ٻارن جي معمولي ڳالهه تان ٻن ڌرين ۾ هٿياربند جهيڙو، لٺين ۽ لوهي سيخن جي آزاداڻي استعمال سبب ٻنهي ڌرين جا ست ڄڻا رتورت، ڏهڪاءُ وچان سڄو علائقو بند تفصيل موجب ڪالهه شام ڌاري روزي کلڻ کانپوءِ قائدآباد ٿاڻي جي حد گلشن بونير ۾ ٻارن جي پاڻ ۾ وڙهڻ تان ٻن ڌرين ۾ ڏندچڪ کانپوءِ هٿياربند جهيڙو ٿي پيو جنهن ۾ هوائي فائرنگ لٺين ۽ لوهي سيخن جي آزاداڻي استعمال سبب علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، رڙين ۽ ڀاڄ سبب بازارون بند ٿي ويون ۽ علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو. اطلاع قائدآباد پوليس پهچي جهيڙيندڙ ڌرين جي وچ ۾ پئي جهيڙو ٽاريو تيستائين ٻنهي ڌرين جا ست ڄڻا جنهن ۾ پهرين ڌر جا سڪندر خان ولد فضل الرحمان، ابوبڪر خان ولد فضل الرحمان، گل اڪبر ولد نظير جڏهن ته ٻي ڌر جا مصطفيٰ ولد محمد نور، شفيع الله ولد شير خان، ذاڪر الله ولد امان الله رتورت ٿي پيا جن کي فوري طور جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي پنجن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وڃي ٿي. واقعي بابت ايس ايڇ او قائدآباد امان الله مروت جو چوڻ آهي ته جهيڙي ۾ پٺاڻن جا 2 قبيلا ٻارن جي معمولي ڳالهه تان اٽڪي پيا، زخمين کي اسپتال روانو ڪيو آهي جنهن بعد ڪيس داخل ڪري ڪارروائي ڪئي ويندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button