فنڪشنل ليگ جي قيادت بي باڪ آهي،مير اعجاز علي ٽالپر
رپورٽ: فهيم ڀٽي،ٽنڊو محمد خان
ٽنڊو محمد خان جي مير گروپ ۽ سندن حمايتين جو گڏيل اجلاس ڪوٺايو ويو. جنهن کي اڳوڻي صوبائي وزير مير اعجاز علي ٽالپر جي خطاب ڪندي چيو ته ملڪي موجوده حالتن ۾ فنڪشنل ليگ ملڪ جي واحد سياسي پارٽي آهي جنهن جي قيادت بي باڪ آهي ۽ ملڪ لاءِ به فائديمند آهي ۽ اسان جو فنڪشنل ليگ جي سربراهه پيار صاحب پاڳاري جي قيادت تي سياسي قومي اڳواڻن کي مڪمل اعتماد آهي ، مير خاندان متفق طور فنڪشنل ليگ ۾ شموليت ڪرڻ جو فيصلو ڪرڻ بعد پنهنجي اتحادين جي صلاح مشوري سان گڏيل طور ٽنڊو محمد خان ۾ جلد سياسي جلسو منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ، جنهن تحت ضلعي ٽنڊو محمد خان جي مير گروپ ۽ سندن حمايتين طرفان گڏيل طور اعلان ڪيو ويندو ، جنهن لاءِ يوسي سطح تي 15 رڪني رابطا ڪاميٽي ٺاهي وئي آهي جيڪا جلسي لاءِ تياري ڪندي. اجلاس کي اڳوڻي صوبائي وزير مير ممتاز علي ٽالپر ، اڳوڻي ايم اين اي ، ضلعي ناظم مير عنايت علي ٽالپر ، اڳوڻي تعلقي نائب ناظم سرفراز احمد ڀٽي ، اڳوڻي يوسي ناظم مير ڪاظم رضا ٽالپر، عبدالغفعور رامليو ، اڳوڻي يوسي ناظم عبدالهادي زئنور ، اڳوڻي يوسي ناظم غلام مصطفى چانڊيو ، اڳوڻي يوسي ناظم مير ذيشان علي ٽالپر ، اڳوڻي يوسي نائب ناظم ڪمال خان نوناري، حاجي ڪريم ڏنو سيال ، انور خاصخيلي ، غلام مصطفى رند ، مير خالد حسين ٽالپر ، سرفراز ٽالپر ، اڳوڻو يوسي ناظم احمد علي جڳسي ، مير نسيم ٽالپر ، حاجي صديق سمون ، ڊاڪٽر ممتاز ميمڻ ، اڳوڻي تعلقه ميونسپل چيئرمين مير سجاد علي ٽالپر ، رئيس حاجي محمد خان کوسو ، سيد سليمان شاهه ، ۽ ٻين گڏيل اجلاس ۾ مير خاندان جي سرپرست مير اعجاز علي ٽالپر جي قيادت ۾ مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي کيس فنڪشنل مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ مڪمل اختيار ڏنا آهن.