اسلام آباد

فلاحي رياست ۾ عوام کي بنيادي سهولت جي فراهمي هڪ مسلسل عمل آهي : وزيراعظم راجا پرويز اشرف

Raja Parvez Ashrafاسلام آباد (اي پي پي) وزيراعظم راجا پرويز اشرف چيو آهي ته فلاحي رياست ۾ عوام کي بنيادي سهولت جي فراهمي هڪ مسلسل عمل آهي ۽ جمهوري چونڊيل قيادت عوام جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي. هو ڪالهه اڱاري ڏينهن هتي وزيراعظم هائوس ۾ ڪيپيٽل ايڊمنسٽريشن اينڊ ڊولپمينٽ جي وفاقي وزير نذر محمد گوندل، ماحولياتي تبديلي جي وفاقي وزير رانا فاروق سعيد خان، قومي اسيمبلي ميمبر اعجاز حسين جکراڻي، وزيراعظم جي خاص صلاحڪار احمديار هراج ۽ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر غلام مرتضيٰ ستي سان ڳالهائي رهيو هو. احمديار هراج سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته تعليم، صحت جي سهولتن جي فراهمي حڪومت جي ڌيان جو مرڪزي محور آهي. هن چيو ته مون کي ملڪ ۾ توانائي جي صورتحال جي باري ۾ باقاعدگي سان آگاهه رکيو پيو وڃي ۽ اڄ جي اجلاس ۾ توانائي جي صورتحال جي بهتري لاءِ قدم کڻڻ ۽ بجلي جي نظام جا نقص ختم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو. ڪيپيٽل ايڊمنسٽريشن اينڊ ڊولپمينٽ جي وزير وزيراعظم کي پنهنجي وزارت جي تحت مختلف منصوبن کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته ٽائيم اسڪيل پروموشن جي نتيجي ۾ استادن جي محنت سان ڪم ڪرڻ جي حوصلا افزائي ٿي آهي. هن وزيراعظم کي ڊائريڪٽوريٽ آف اسپيشل ايجوڪيشن پولي ڪلينڪ اسپتال جي باري ۾ آگاهه ڪيو. وزيراعظم تعليم ۽ صحت جي سهولتن جي فروغ جي سلسلي ۾ حڪومتي پاليسين تي عملدرآمد تي وزير جي واکاڻ ڪئي. نذر محمد گوندل وزيراعظم کي پنهنجي تڪ جي مختلف ترقياتي منصوبن کان به آگاهه ڪيو. ماحولياتي تبديلي جي وزير سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته هو گئس جي منصوبي ۽ ٻين ترقياتي منصوبن جي افتتاح لاءِ جلد سندس تڪ جو دورو ڪندو. هن زيرتڪميل منصوبن جي لاءِ فنڊن جي فوري فراهمي جي به هدايت ڪئي ته جيئن عوام کي ان جا جلد ثمر ملي سگهن. راڻا فاروق سعيد خان پنهنجي علائقي جي مختلف ترقياتي اسڪيمن کان آگاهه ڪيو. مير اعجاز حسين جکراڻي جيڪب آباد جي ٻوڏ متاثر علائقن جي مسئلن ۽ مختلف ترقياتي اسڪيمن جي باري ۾ آگاهه ڪيو. هن وزيراعظم کي پنهنجي علائقي جي ترقياتي اسڪيمن جي صورتحال کان به آگاهه ڪيو. وزيراعظم جيڪب آباد جي ٻوڏ متاثر علائقن جي لاءِ ترقياتي اسڪيمن جو فوري جائزو وٺڻ ۽ انهن علائقن جي ماڻهن کي سهولتن جي فراهمي ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. هن ٻوڏ متاثر علائقن جي لاءِ فنڊ ترجيحي بنيادن تي فراهم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button